سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ سڀاڻي ٿيندي، 8 ھزار کان وڌيڪ اميدوار شرڪت ڪندا

سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ سڀاڻي ٿيندي، 8 ھزار کان وڌيڪ اميدوار شرڪت ڪندا، وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو، رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو ۽ ٻين عملدارن پاران ڪئمپس جو دورو، سڀاڻي رٿيل انٽري ٽيسٽ جي انتظامن جو جائزو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي مختلف ڪئمپسز ۾ داخلائن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ پري انٽري ٽيسٽ سڀاڻي منعقد ٿي رھي اھي، جنھن ۾ ساڍا 8 ھزار اميدوار شرڪت ڪندا. ٽيسٽ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن. وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو مختلف عملدارن رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ماڊل اسڪول جي پرنسيپال ڊاڪٽر فريده شيخ، بوائيز ھاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ڪالوني چيئرمين ڊاڪٽر رضا شاھ، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊائريڪٽر سيڪيورٽي ڪاشف ناريجو ۽ ٻين سان گڏ ڪئمپس جو دورو ڪيو ۽ سڀاڻي رٿيل انٽري ٽيسٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو. وائيس چانسيلر سڀ کان اڳ آرٽس فيڪلٽي پھتو، جتي ھن امتحاني مرڪز جو معائنو ڪيو ۽ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ھال مينيجمينٽ ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر فريده شيخ وائيس چانسيلر کي سيٽنگ ارينجمينٽ بابت بريفنگ ڏني. بعد ۾ وائيس چانسيلر عملدارن سان گڏ فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جو دورو ڪيو ۽ ٽيسٽ لاءِ ڪيل انتظامن تي سرھائي جو اظھار ڪيو. وائيس چانسيلر انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽيڊيز، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ھاسٽلن طرف ويندڙ بئنڪ روڊ تي وڃي سيڪيورٽي جي معاملن جو به معائنو ڪيو.

Follow Official University of Sindh acconts

Twitter: https://twitter.com/uosindh

Instagram: www.instagram.com/uosindh

#universityofsindh #sindhuniversity #entrytest