سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻئي ڏينهن به بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي ويئي، 1292 شاگردياڻين سميت 6006 اميدوارن جي شرڪت

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيچلر ڊگري پروگرامز جي 57 شعبن ۾ داخلائن لاءِ ٻئي ڏينهن به انٽري ٽيسٽ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ 1292 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 6006 اميدوارن حصو ورتو. پهرئين مرحلي جي ٻئي ڏينهن ٿيل انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ٽن ڪلاڪن اندر جاري ڪيا ويا، جيڪي يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي موجود آهن. ٻئي مرحلي تحت انٽري ٽيسٽ 6 ۽ 7 نومبر تي منعقد ٿيندي، جنهن ۾ مجموعي طور 13 هزار کان وڌيڪ اميدوار شرڪت ڪندا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بيچلر ڊگري پروگرامز جي 57 شعبن ۾ مجموعي طور موجود 9 هزار سيٽن لاءِ 25 هزار کان وڌيڪ اميدوارن آن لائين داخلا فارم جمع ڪرايا. پري انٽري ٽيسٽ جو ٻن ڏينهن تي مشتمل پهريون مرحلو ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ سمورن ڪنوينرن ۽ سندن ٽيمن کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته هڪ ننڍي ملازم کان وٺي پروفيسر تائين سڀني ٻن ڏينهن تائين دل ۽ جان سان پنهنجو پنهنجو ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انٽري ٽيسٽ جو پهريون مرحلو ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي ويو آهي. هنن چيو ته ٽيسٽ ۾ ڪاميابيءَ جو راز ٽيم ورڪ آهي. تفصيل موجب پهرئين مرحلي جي ٻئي ڏينهن پري انٽري ٽيسٽ 11 لڳي 10 منٽن تي شروع ڪرائي ويئي، جيڪا بنا وقفي جي 90 منٽن تائين جاري رهي. سوالنامي ۾ مجموعي طور 100 ايم سي ڪيوز ٽائيپ (ڪثير الانتخابي) سوال شامل هئا. ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاران نامزد ڪيل سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ ڪنٽرول روم جو دؤرو ڪيو، جنهن بعد هن مختلف امتحاني هالن جو جائزو ورتو ۽ هلندڙ امتحاني عمل جو معائنو ڪيو. پي وي سي ڊاڪٽر رفيق ميمڻ پاران ڊينز تي مشتمل ٽيمن پڻ انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلاجي، انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪئمسٽري، انسٽيٽيوٽ آف بايو ٽيڪنالاجي، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن، آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جو دؤرو ڪيو ۽ امتحاني عمل جو معائنو ڪيو. پري انٽري ٽيسٽ ۾ ويٺل اميدوارن کي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جون بوتلون ۽ بال پينون پڻ فراهم ڪيون ويون. سيڪيورٽي لاءِ پوليس سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جي گارڊن کي به مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ايمبولينسز کي پڻ اسٽينڊ باءِ رکيو ويو. هوڏانهن مختلف شعبن ۾ زير تعليم 100 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون والنٽيئر طور پڻ مقرر هئا، جن اميدوارن جي مڪمل رهنمائي ڪئي. ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو ٻڌايو ته پهرئين مرحلي جي ٻن ڏينهن اندر 8554 شاگردن ۽ 3320 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 11874 اميدوار انٽري ٽيسٽ ڏيئي چڪا آهن. هن چيو ته ايندڙ هفتي يعني 6 ۽ 7 نومبر تي به مجموعي طور 13 هزار کان وڌيڪ اميدوار انٽري ٽيسٽ ڏيندا. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو پي وي سي ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هنن مجموعي طور 5 سوالناما تيار ڪيا آهن، جن مان سڀئي هڪ ٻئي کان مختلف آهن. هن چيو ته پهرئين مرحلي جي پهرئين ڏينهن هڪ سوالنامو اميدوارن کي ڏنو ويو ۽ ٻئي ڏينهن وري ٻيو سوالنامو اميدوارن کي فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ هفتي لاءِ نوان سوالناما موجود آهن. هن چيو ته پنجن ئي سوالنامن ۾ مناسب سوال شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي انٽر ميڊيٽ سطح جا آهن. پهرئين مرحلي جي ٻئي ڏينهن بدين، دادو، ميرپورخاص، سانگهڙ، سجاول، ٿرپارڪر، ٺٽو ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي ويئي. ٻئي طرف انٽري ٽيسٽ لاءِ سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي جي آفيس ۾ قائم ڪيل ڪنٽرولر روم ۾ لاڳاپيل ڊين کان سواءِ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله دايو، پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر نعيم طارق ناريجو، پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو، پروفيسر ڊاڪٽر حافظ منير احمد، پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار زيدي، پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله بليدي، پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد چانڊيو، محمد معشوق صديقي ۽ ساجد قيوم ميمڻ موجود هئا. هوڏانهن غلام نبي ڪاڪا، ڊاڪٽر فريده شيخ، عبدالمجيد پنهور، محمد علي گهانگهرو ۽ ٻين ڪميٽين جا ڪنوينر ۽ سندن ٽيمون ڊيوٽيءَ تي موجود رهيا. ٻئي طرف ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو چيو ته جيڪي به اميدوار ڪنهن سبب جي ڪري پهرئين مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ ويهي نه سگهيا، اهي درخواستون جمع ڪرائين ته جيئن ٻئي مرحلي ۾ کين ٽيسٽ ۾ ويهاري سگهجي. هن چيو ته اهڙو فيصلو اميدوارن جي مستقبل کي سامهون رکي سندن مفاد ۾ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پهرئين مرحلي جي ٻئي ڏينهن ٿيل انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ٽيسٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽن ڪلاڪن اندر جاري ڪيا ويا، جيڪي يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي موجود آهن. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب سنڌ يونيورسٽي ساڳئي ڏينهن ٽيسٽ جا نتيجا جاري ڪري پنهنجو اعزاز برقرار رکيو آهي.