سنڌ يونيورسٽي طرفان سنڌ انڊوومينٽ اسڪالرشپ 2020ع لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن کان انٽرويوز 11 ڊسمبر تي وٺڻ جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران سنڌ انڊوومينٽ اسڪالر شپ  سال 2020 لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن کان انٽرويز 11 ڊسمبر تي يونيورسٽيءَ جي آءِ بي اي ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مشتاق احمد ڄاريجو پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ته اهڙا شاگرد جن سنڌ انڊوويمنٽ اسڪالرشپ 2020ع لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، اهي 11 ڊسمبر تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ صبح جو ساڍي نائين بجي انٽرويو لاءِ پيش ٿين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انٽرويو لاءِ ايندڙ اميدوار پاڻ سان گڏ اسٽوڊنٽ آءِ ڊي ڪارڊ، پيءُ/ سرپرست جو آمدني سرٽيفڪيٽ، پهرئين سال جي مارڪ شيٽ ۽ والد جي وفات جي صورت ۾ فوتي سرٽيفڪيٽ ضرور کڻي اچن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/06/2021
Announcements
1024 x 768
Invitation for Submission of AI-Generated Videos on "Unmasking the Appeal – Countering N...
View Details → 06/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends deadline for provisional admission to four-year LL.B programme
View Details → 06/09/2026
1024 x 768
Sindh University extends admission deadline for ADE, B.Ed (Hons) programmes
View Details → 06/09/2026