سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽس جي ڀرتين ۽ گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ (سبجيڪٽ) لاءِ امتحان ورتو ويو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ميرپورخاص ڪئمپس ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽس جي ڀرتين ۽ ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز ۾ گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ (گيٽ سبجيڪٽ) لاءِ يونيورسٽي سطح واري ٽيسٽ ورتي ويئي. ٻنهي امتحانن جا نتيجا ڪالهه ساڳئي ڏينهن ئي جاري ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ميرپورخاص ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽس لاءِ مجموعي طور 27 اميدوارن درخواستون ڏنيون، جن کان ٽيسٽ ورتي ويئي، جڏهن ته فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز سبجيڪٽ ۾ گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ لاءِ به يونيورسٽيءَ جي سطح واري ٽيسٽ ورتي ويئي، جنهن ۾ مجموعي طور 8 اميدوارن حصو ورتو. هن چيو ته پاسنگ مارڪون 70 مقرر ٿيل آهن. ٻنهي ٽيسٽن جا نتيجا يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن، جتان اميدوار  ڏسي سگهن ٿا .

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/17/2021
Announcements
1024 x 768
Breast Cancer Claims 40,000 Women’s Lives Annually in Pakistan; SU Seminar Stresses Awar...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
Artists Express Emotions and Reflect Society Through Colours: Art and Craft Exhibition Hel...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
پاکستان میں ہر سال چھاتی کے کینسر کے باعث 40 ہزار خÙ...
View Details → 10/30/2026