سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽس جي ڀرتين ۽ گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ (سبجيڪٽ) لاءِ امتحان ورتو ويو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ميرپورخاص ڪئمپس ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽس جي ڀرتين ۽ ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز ۾ گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ (گيٽ سبجيڪٽ) لاءِ يونيورسٽي سطح واري ٽيسٽ ورتي ويئي. ٻنهي امتحانن جا نتيجا ڪالهه ساڳئي ڏينهن ئي جاري ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ميرپورخاص ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽس لاءِ مجموعي طور 27 اميدوارن درخواستون ڏنيون، جن کان ٽيسٽ ورتي ويئي، جڏهن ته فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز سبجيڪٽ ۾ گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ لاءِ به يونيورسٽيءَ جي سطح واري ٽيسٽ ورتي ويئي، جنهن ۾ مجموعي طور 8 اميدوارن حصو ورتو. هن چيو ته پاسنگ مارڪون 70 مقرر ٿيل آهن. ٻنهي ٽيسٽن جا نتيجا يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن، جتان اميدوار  ڏسي سگهن ٿا .

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/17/2021
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ “معرڪه حق” جي سري هيٺ 7 مئي تي ري...
View Details → 04/30/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں “معرکہ حق” کے سلسلے میں 7 مئی کو ری...
View Details → 04/30/2026
1024 x 768
Rs4.87bn water filtration project announced for Sindh University, minister says scheme to ...
View Details → 04/29/2026