سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صوبي جي معروف آرٽسٽن عبدالمجيد منگي ۽ شڪيل احمد خاصخيلي جي تخليقن جي نمائش جو اهتمام

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ سنڌ جي ٻن مشهور آرٽسٽن عبدالمجيد منگي ۽ شڪيل احمد خاصخيلي جي واٽر ڪلر پينٽ ۽ پينسل ورڪ جي نمائش منعقد ڪئي ويئي، جنهن جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪيو. نمائش انسٽيٽيوٽ جي بينظير گئلريءَ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وائيس چانسلر آرٽسٽ عبدالمجيد منگي جي واٽر ڪلر پينٽ ۽ شڪيل احمد خاصخيلي پاران پينسل ورڪ ذريعي تيار ڪيل فن پارن کي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ آرٽ نمائش گهمي ڏٺي. نمائش ۾ واٽر ڪلر پينٽ سان خيرپور ضلعي جي مختلف ثقافتي شين، کجين، ڪوٽڏجي جي قلعي جي مختلف حصن ۽ تاريخي پُلين کي تيار ڪري پيش ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي مختلف تاريخي عمارتن، ٻهراڙين جي گهرن، دڪانن، اوڏڪي ديوارن، ٿر جي چؤنرن، جبلن، کبڙ جي ٿُڙن ۽ ٻين شين کي وري پيسنل ورڪ سان تيار ڪري نمائش ۾ رکيو ويو. نمائش گهمڻ بعد وائيس چانسلر ۽ ٻين انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي پينسل ورڪ جي معروف آرٽسٽ شڪيل احمد خاصخلي بانسري وڄائي ڀرپور داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي جڳ مشهور فنڪار ذوالفقار علي خان قريشي پنهنجو معروف گيت “وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو” ڳائي محفل کي موهي وڌو. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته آرٽسٽ عبدالمجيد منگي ۽ شڪيل احمد خاصخيلي جو ڪم انتهائي شاندار آهي. سندن تخليقي ڪم ڏسي ائين لڳو ڄڻ ٻهراڙيءَ جو سير ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٻنهي آرٽسٽن جي ڪم کي شهري ٻار ڏسي حيران ٿيا هوندا ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪيترا نه خوبصورت منظر آهن! هن چيو ته واٽر ڪلر پينٽ هجي، پينسل ورڪ يا آرٽ جو ڪو ٻيو فن، اهو انتهائي ڏکيو ۽ ڌيان طلب هوندو آهي. هن چيو ته آرٽسٽ پينسل ورڪ سان جنهن طريقي سان مختلف وڻ، پُليون، رستا، کڏون، جهوپڙيون ۽ ٻيون شيون ٺاهيون، اهي ڪمال جون آهن، جن کي ڏسي دل خوش ٿي آهي. هن چيو ته عبدالمجيد منگي ۽ شڪيل احمد خاصخيلي سنڌ جو اثاثو آهن ۽ نوجوانن کي مٿن فخر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جو ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي هر پروگرام ۾ جان وجهڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو ۽ اڄ به هن ائين ڪري ڏيکاريو آهي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي سروس مان تازو رٽائر ٿيل ڊاڪٽر محمودالحسن مغل ۽ ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جو چيئرمين ذوالفقار علي خان قريشي فن جي دنيا جا وڏا ماڻهو آهن، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ جو ملازم امداد کوسو به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪڏهن جهاڙو ڏيندي نظر ايندو ته ڪڏهن وري پڙهائيندي به ڏسجي ٿو. هو انسٽيٽيوٽ جو سرمايو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيترا پي ايڇ ڊي استاد آهن، اوترا ٻي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ نه آهن. هتي انرولمينٽ به وڌيڪ آهي ۽ تعليم جو معيار پڻ بلند آهي. هن چيو ته آخري سال جي شاگردن جا امتحاني نتيجا پهرين جنوري ۽ پراجيڪٽ/ ٿيسز وارن جا نتيجا 10 جنوري تي جاري ڪيا ويندا. ان موقعي تي فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر سيد جاويد اقبال، فئڪلٽي آف نيچلر سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ميزبان سعيد احمد منگي، نعمت الله خلجي، سبين نعيم ۽ ٻين وائيس چانسلر ۽ مهمان آرٽسٽن کي گلدستا ۽ اجرڪن جو تحفو پڻ پيش ڪيو. تقريب ۾ ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر محمودالحسن مغل، ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر نعمت الله شاهه، شوڪت کوکر کان سواءِ وڏي پئماني تي انسٽيٽيوٽ جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي ۽ آرٽ نمائش ۾ گهري دلچسپي ورتي.