سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ “ادبي ايوارڊ 2020ع” جي رهيل ٻن نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان مختلف ڪتابن تي “ادبي ايوارڊ 2020ع” جي سلسلي ۾ “سوانحي ادب” ۽ “تاريخ” جي موضوعن تي رھيل نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آھي. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال موجب سال 2020ع ۾ ڇپيل مختلف ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل ججن مان هڪ، هڪ جج جو فيصلو رهيل ھو، جنھن سبب سوانحي ادب ۽ تاريخ جي موضوعن وارن ڪتابن جا نتيجا روڪيا ويا هئا، ڄاڻايل ججن جو فيصلو اچڻ کانپوءِ نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. پڌرائي موجب ججن جي ڪيل فيصلن موجب سوانحي ادب جي موضوع تي ڪتاب “قيد ڪهاڻي” (ليکڪ: اشتياق انصاري) ۽ تاريخ جي موضوع تي ڪتاب “اندر جنين اڌ” (ليکڪ: شمس جعفراڻي)   کي ايوارڊن لاءِ چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته اعلانيل ايوارڊ تمام جلد سنڌالاجيءَ ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي ليکڪن کي ڏنا ويندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/04/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر مري پاران تعليمي سال ...
View Details → 02/11/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي آخري سال جي شاگردن جا 136 تحقيقي م...
View Details → 02/11/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ ڈاکٹر مری کی جانب سے تعلیمی سال 20...
View Details → 02/11/2026