سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ “ادبي ايوارڊ 2020ع” جي رهيل ٻن نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان مختلف ڪتابن تي “ادبي ايوارڊ 2020ع” جي سلسلي ۾ “سوانحي ادب” ۽ “تاريخ” جي موضوعن تي رھيل نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آھي. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال موجب سال 2020ع ۾ ڇپيل مختلف ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل ججن مان هڪ، هڪ جج جو فيصلو رهيل ھو، جنھن سبب سوانحي ادب ۽ تاريخ جي موضوعن وارن ڪتابن جا نتيجا روڪيا ويا هئا، ڄاڻايل ججن جو فيصلو اچڻ کانپوءِ نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. پڌرائي موجب ججن جي ڪيل فيصلن موجب سوانحي ادب جي موضوع تي ڪتاب “قيد ڪهاڻي” (ليکڪ: اشتياق انصاري) ۽ تاريخ جي موضوع تي ڪتاب “اندر جنين اڌ” (ليکڪ: شمس جعفراڻي)   کي ايوارڊن لاءِ چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته اعلانيل ايوارڊ تمام جلد سنڌالاجيءَ ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي ليکڪن کي ڏنا ويندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/04/2022
Announcements
1024 x 768
Breast Cancer Claims 40,000 Women’s Lives Annually in Pakistan; SU Seminar Stresses Awar...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
Artists Express Emotions and Reflect Society Through Colours: Art and Craft Exhibition Hel...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
پاکستان میں ہر سال چھاتی کے کینسر کے باعث 40 ہزار خÙ...
View Details → 10/30/2026