سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، ٻئي سيمسٽر جا مڪمل امتحاني نتيجا ٽيچرز کان گڏ ڪري 14 فيبروري تائين ڪنٽرولر آفيس ۾ جمع ڪرائڻ جو يڪراءِ فيصلو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ اضافي ڪئمپسز جي پرو وائيس چانسلر توڙي فوڪل پرسنز، مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز ۽ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر سميت تعليمي ۽ انتظامي عملدارن جو هڪ اهم اجلاس وي سي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙا امپروور ۽ فيليوئر شاگرد جن سيمسٽر امتحانن جا آن لائين امتحاني فارم جمع نه ڪرايا ۽ امتحان ڏنو، اهي گهربل فيس پياري مينوئل فارم پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ سندن امتحاني نتيجا روڪيا ويندا. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو هڪ هڪ ڊين ۽ فوڪل پرسن کان پنهنجين فئڪلٽين ۽ ڪئمپسز جا امتحاني نتيجا ڪنٽرولر آفيس ۾ جمع ڪرائڻ بابت پروگريس رپورٽ ورتي ۽ رهيل امتحاني نتيجا ترت استادن کان وٺي ڪنٽرولر آفيس کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي سمورن ميمبرن اتفاق راءِ اسان اهو فيصلو ڪيو ته ٻئي سيمسٽر جا امتحاني نتيجا 14 فيبروري 2022ع تائين لاڳاپيل شعبن جا چيئرپرسنز استادن کان وٺي ڪنٽرولر آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جيئن ڪنٽرولر امتحاني نتيجن جو اعلان ڪري سگهي. اجلاس ۾ آن لائين امتحاني فارم ڀرڻ کان رهجي ويل امپروور ۽ فيليوئر شاگردن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيندي کين صلاح ڏني ويئي ته هو جلد پنهنجن لاڳاپيل شعبن جي چيئرپرسنز يا ڊائريڪٽرن سان لهه وچڙ ۾ اچن ۽ گهربل امتحاني فيس ۽ مينوئل امتحاني فارم ڀري وٽن جمع ڪرائين ته جيئن 14 فيبروري کان پوءِ سندن امتحاني نتيجا به گڏيل نموني جاري ٿي سگهن. ان سلسلي ۾ دير ڪندڙ يا دلچسپي نه وٺندڙ اميدوارن جا امتحاني نتيجا روڪيا ويندا.