سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سيمينارن جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي پاران مختلف شعبن جي چئن اسڪالرن جي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي فائنل ۽ پهرين سيمينارن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي اسڪالر ارسلان حيدر جو ايم فل جو فائنل سيمينار 10 فيبروري تي منجهند ساڍي ٻارهين وڳي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ملٽي ميڊيا روم ۾ منعقد ٿيندو، جنهن جي صدارت فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪندو. ان موقعي تي اسڪالر پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪندو، جڏهن ته اسڪالر جو سپروائيزر ڊاڪٽر ذيشان ڀٽي ۽ معاون سپروائيزر ڊاڪٽر عبدالواحد مهيسر پڻ سيمينار ۾ موجود هوندا. ٻئي طرف فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي جي ٻن اسڪالرن غلام مجبتيٰ سرهيو جو فائنل جڏهن ته مختيار علي ايري جو پهريون ايم فل جو سيمينار 10 فيبروري تي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ منعقد ٿيندا. ان موقعي تي ٻئي اسڪالر پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪندا، جڏهن ته 11 فيبروري تي يعني ٻئي ڏينهن صبح جو 11 وڳي ساڳئي شعبي جي اسڪالر سُنين قمر ميمڻ جو پهريون پي ايڇ ڊي سيمينار پڻ منعقد ٿيندو. اسڪالرن جا سپروائيزر ڊاڪٽر ثوبيه شفق شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر صائمه ڪامران پٺاڻ، پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو ۽ معاون سپروائيزر ڊاڪٽر فضا قريشي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عائشه بشير شاهه پڻ سيمينار ۾ موجود هوندا. ٽنهي سيمينارن جي صدارت فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو ڪندو. هڪ ٻي پڌرائيءَ ۾ ڊاڪٽر چانڊيو ڄاڻايو آهي ته ايم فل جي اسڪالر خالد حسين بلوچ جو 10 فيبروري تي رٿيل فائنل سيمينار سندس ئي درخواست تي ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/09/2022
Announcements
1024 x 768
Breast Cancer Claims 40,000 Women’s Lives Annually in Pakistan; SU Seminar Stresses Awar...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
Artists Express Emotions and Reflect Society Through Colours: Art and Craft Exhibition Hel...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
پاکستان میں ہر سال چھاتی کے کینسر کے باعث 40 ہزار خÙ...
View Details → 10/30/2026