سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي هدايتن بعد ڪنٽرولر پاران لاڳاپيل لا ڪاليجن جي سيمسٽر امتحانن جا نتيجا مرحليوار جاري ڪرڻ وارو عمل شروع

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي خصوصي هدايتن تي لاڳاپيل ڪاليجن ۾ 5 سالا ايل ايل بي پروگرام جي سيمسٽر امتحانن جا نتيجا مرحليوار جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ پهرئين مرحلي ۾ ڇهن پرائيويٽ لا ڪاليجن جي سيمسٽر امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇهن نجي لا ڪاليجن شانِ آسي ڪاليج آف لا ٽنڊو آدم، قائد اعظم لا ڪاليج نواب شاهه، ايوريسٽ لا ڪاليج حيدرآباد، سنڌ – مهراڻ لا ڪاليج ڄامشورو، ميرپورخاص لا ڪاليج ۽ قاضي ميان احمد قريشي لا ڪاليج مورو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا امتحاني نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته امتحاني نتيجن جون فهرستون لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اماڻيون ويون آهن، جتان شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجا امتحاني نتيجا چيڪ ڪري سگهن ٿا. ڪنٽرولر موجب ٻئي مرحلي ۾ اڄ اڱاري ڏينهن پڻ مختلف لا ڪاليجن جي امتحاني نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.