سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيمسٽر امتحان جاري، وائيس چانسلر طرفان ٻئي ڏينهن به امتحاني مرڪزن جو دورو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ٻئي ڏينهن به يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ سيمسٽر امتحانن جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن کان سندن سوالنامي ۽ پاڻيءَ سميت ٻين سهولتن بابت معلومات ورتي. وائيس چانسلر آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي مک دروازي تي پهتو ته سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي انچارج سڪندر علي سومرو ۽ ڊائريڪٽر ڪئمپس سيڪيورٽي ڪاشف ناريجو سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو سڀ کان اڳ سنڌي شعبي پهتو، جنهن بعد هن اسلامڪ ڪلچر، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ڪرمنالاجي، اردو، پوليٽيڪل سائنس ۽ انٽرنيشنل رليشنز شعبن جو دورو ڪيو ۽ اتي جاري امتحاني عمل جو جائزو ورتو. وائيس چانسلر امتحان ڏيندڙ شاگردن کان سندن تياري ۽ سوالنامي بابت پڻ پڇا ڪئي ۽ ساڻن گهلي ملي ويو. ان موقعي شاگردن وائيس چانسلر کي ٻڌايو ته کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ انويجيليٽر استادن جو رويو به معمول موجب دوستاڻو آهي. هنن چيو ته امتحانن لاءِ کين خوشگوار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي. وائيس چانسلر کي پنهنجي وچ ۾ موجود ڏسي شاگردن ۽ شاگردياڻين خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/25/2022
Announcements
1024 x 768
Breast Cancer Claims 40,000 Women’s Lives Annually in Pakistan; SU Seminar Stresses Awar...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
Artists Express Emotions and Reflect Society Through Colours: Art and Craft Exhibition Hel...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
پاکستان میں ہر سال چھاتی کے کینسر کے باعث 40 ہزار خÙ...
View Details → 10/30/2026