سنڌ يونيورسٽي پاران جشن آزادي واري ڏهاڙي کي ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان، بيورو آف اسٽيگس پاران تياريون شروع، استادن، آفيسرن، شاگردن ۽ صحافين کي شرڪت جي دعوت

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ملڪ جي آزاديءَ واري ڏهاڙي 14 آگسٽ کي ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران تياريون شروع ڪيون ويون آهن. جشن آزاديءَ جي تقريب سنڌ يونيورسٽيءَ جي حيدر بخش جتوئي پويلين تي صبح جو 7 لڳي 20 منٽن تي شروع ٿيندي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪندو. تقريب دوران اسلام آباد ۾ رٿيل قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري عين وقت تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو. بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا پنهور سنڌ يونيورسٽيءَ جي سمورن استادن، آفيسرن، ملازم ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي جشن آزاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. هوڏانهن ميڊيا جي نمائندن کي پڻ تقريب جي ڀرپور ڪوريج جي دعوت ڏني ويئي آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/05/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ عدالتي حڪمن کانپوءِ آفيسرن جي هڪ ...
View Details → 12/17/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ نے عدالتی احکامات کے بعد افسران کی ایک ...
View Details → 12/17/2025
1024 x 768
SU postpones syndicate election following court orders
View Details → 12/17/2025