سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بيچلر ۽ ماسٽرز صبح ۽ شام جي مختلف پروگرامن ۾ زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا في جمع ڪرائڻ جي صلاح

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز پاران بيچلر ۽ ماسٽر جي مختلف پروگرام (صبح ۽ شام جي شفٽ) ٻئي سيمسٽر ۾ زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي سال 2020ع لاءِ پنهنجي داخلا في جمع ڪرائڻ جي صلاح ڏني ويئي آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب بيچلر ۽ ماسٽر (صبح ۽ شام) پروگرام، 5 سالا ايل ايل بي، بي اِي اليڪٽرانڪس ۽ ٽيليڪميونيڪيشن انجنيئرنگ، ڏيڍ سالا بي ايڊ، اڍائي سالا بي ايڊ ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن (ابتدائي بچپن جي تعليم) ۽ پي جي ڊي ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون 26 آگسٽ 2022ع تائين پنهنجي داخلا جمع ڪرائين. پڌرائيءَ موجب شاگردن جا ڪمپيوٽرائيزڊ چالان  سندن اِي پورٽل تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن، جتان هو ڊائون لوڊ ڪري فيس حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/12/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد م...
View Details → 02/10/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ پروفیسر ڈاکٹر فتح محمد مری کا فی...
View Details → 02/10/2026
1024 x 768
Sindh University VC Dr Marri visits Faculty of Social Sciences, interacts with students
View Details → 02/10/2026