سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ريسرچ لائبرريءَ ۾ رکيل ناياب ڪتابن، قلمي نسخن ۽ ٻئي قيمتي مواد کي ڊجيٽائيز ڪري محفوظ بنائڻ ۽ آن لائين ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ريسرچ لائبرريءَ ۾ رکيل ناياب ڪتابن، قلمي نسخن ۽ ٻئي قيمتي مواد کي ڊجيٽائيز ڪري محفوظ بنائڻ ۽ انهن کي انٽرنيٽ ذريعي آن لائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سنڌالاجي ۽ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ پُروقار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال ۽ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ جي سندس هم منصب غلام سرور پنهور ايم او يو تي صحيحون ڪيون. معاهدي موجب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لائبرريءَ ۾ موجود ناياب ۽ اڻلڀ ڪتابن، قلمي نسخن ۽ ٻئي قيمتي رڪارڊ کي ڊجيٽائيز ڪري محفوظ ڪيو ويندو. معاهدي موجب ابتدائي مرحلي ۾ تجرباتي طور سنڌالاجي جي ريسرچ لائبرريءَ جا 25 ڪتاب اسڪين ڪري انهن کي ڪمپيوٽر ذريعي محفوظ ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏنو ويو، جيڪو ڪامياب رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال چيو ته ريسرچ لائبرريءَ ۾ رکيل پراڻو مواد مينوئل هئڻ سبب ڪجهه سالن بعد ختم ٿيڻ جو خدشو موجود آهي، جنهن سبب ان کي ڊجيٽائيز ڪري يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو، ان سان ٻه فائدا ٿيندا، هڪ ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ويٺل محقق ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو انهن ناياب ڪتابن ۽ ٻئي مواد تائين آسانيءَ سان آن لائين رسائي حاصل ڪري سگهندا، ٻيو اهو ته قيمتي قلمي نسخا محفوظ ٿي سگهندا. هن چيو ته دنيا جي عالمي ڳوٺ ۾ تبديليءَ بعد ريسرچ لائبرريءَ جو اڻلڀ مواد به ڊجيٽائز ڪري آن لائين ڪيو پيو وڃي ته جيئن علم دوستن، شاعرن، اسڪالرن، ليکڪن، تاريخدانن، آثار قديمه جي ماهرن ۽ اديبن کي لاڀ پهچي سگهي. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ جي لائبرريءَ ۾ رکيل ڪتاب مختلف علمي موضوعن تي مشتمل هئڻ سان گڏ انتهائي معلوماتي آهن، جيڪي تحقيق ۾ ڪم اچن ٿا. هن چيو ته ناياب ڪتابن کي لائبررين جي ڪٻٽن ۾ سالن کان محفوظ رکڻ جو ڪجهه فائدو ٿيو، ڇاڪاڻ ته لائبرريءَ ۾ رڳو مطالعو ڪرڻ ايندڙ اسڪالر انهن ڪتابن تائين رسائي حاصل ڪندا رهيا آهن، هاڻي انهن ڪتابن تائين رسائي ٽيڪنالجي جي مدد سان دنيا ۾ ڪٿي به ويٺل ماڻهن کي ڏيڻ گهرون ٿا. هن چيو ته ڊجيٽائيز بعد آن لائين ٿيندڙ ڪتابن، قلمي نسخن ۽ ٻئي مواد تائين ماڻهو مفت ۾ رسائي حاصل ڪري سگهندا، پر ڪو به ماڻهو انهن کي ڇپرائي نه سگهندو جو ان جا حق ۽ واسطا صرف انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وٽ محفوظ هوندا. غلام مرتضيٰ سيال سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندس منظوري، سهڪار، ويزن ۽ رهنمائيءَ کان سواءِ ڄاڻايل منصوبي طرف وڌڻ آسان ڪم نه هو. ٻئي طرف ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر غلام سرور پنهور جو چوڻ هو ته ڄاڻايل معاهدو ٿيڻ سان کيس دلي خوشي ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اصل ۾ اها سنڌ جي خدمت هوندي. هن چيو ته جيئن ته اُسريل ملڪ تيزيءَ سان ڪاغذ کي ڇڏي ڊجيٽل دنيا ۾ پهچي چڪا آهن، تنهنڪري سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن کي به جديد دؤر جي تقاضائن پٽاندر دنيا سان گڏ هلڻو آهي. اهوئي سبب آهي ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ان جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال مبارڪباد جا مستحق آهن، جن جي ڀرپور جذبي، لائبرريءَ جو رڪارڊ ڊجيٽل ڪرڻ واري تڙپ ۽ تعاون سبب اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تمدن، تاريخ، شاندار ماضي ۽ ٻين موضوعن وارا ڪتاب ڊجيٽائيز ڪري محفوظ ڪرڻ سان انهن ناياب ڪتابن جي عمر صدين تائين وڌي ويندي ۽ ايندڙ ڪيترائي نسل ان مان لاڀ پرائيندا رهندا.