سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ “سياسي عمل بابت ڄاڻ” جي سري هيٺ سيمينار: نوجوان سياسي عمل ۾ حصو وٺندي ووٽ جي اهميت سمجهن، کين 10 ڏينهن جي تربيت ڪرائي ويندي: ڊاڪٽر حماد الله ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ”سياسي عمل بابت ڄاڻ” جي سري هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، سوشيالاجي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر احمد علي بروهي، سوشل ورڪ شعبي جي چيئرمين فيصل حيدر شاهه، انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي، پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئر پرسن پروفيسر ڊاڪٽر ڪرن سميع ميمڻ، شرڪت گاهه وومين ريسورس سينٽر جي ڊائريڪٽر احمد رضا خان، پروگرام آفيسر سيده ثناء رضوي، اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد محمد يوسف مجيداڻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو مهمانن کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته اعليٰ تعليم ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڀرپور ڪوششون وٺي رهيو آهي، جنهن جا ثمر به اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل خاندانن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو به يونيورسٽي اندر بهترين خيال رکيو پيو وڃي ته جيئن هو ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ کان سواءِ پنهنجي تعليم ۽ تحقيق جاري رکي سگهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهين جا نوجوانن تي سماجي ۽ نفسياتي اثر پيا آهن، انهن اثرن مان کين آجو ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيدگيءَ سان ڪوششون وٺي، کيس تحقيقي بنياد تي تجويزون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي راند عجيب انداز سان کيڏي پئي وڃي، جنهن جو نقصان اهو ٿي رهيو آهي ته ٻوڏ جي آفتن جي ور چڙهيل عوام جي حقيقي خدمت اڃا سوڌو نه ٿي سگهي آهي ۽ سياسي جماعتون پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن. ڊاڪٽر احمد علي بروهي چيو ته سياسي عمل بابت واقفيت ضروري آهي ۽ سياسي عمل سان گڏ ووٽنگ ۾ نوجوانن جي شرڪت ۽ سياسي مصروفيتن جي اهميت به اجاگر ٿيڻ گهرجي. سيمينار ۾ اعلان ڪيو ويو ته جلد شاگردن کي 10 ڏينهن جي پوليٽيڪل گيمز ايڪٽوٽي جي تربيت ڏياري ڏيندي ته جيئن هو ملڪي سياست، ووٽن جي اهميت ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. تربيت مڪمل ڪندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا.