سنڌ يونيورسٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي اسڪالر عبدالرحمان بلوچ جو فائنل سيمينار 3 نومبر تي ٿيندو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمباٽي پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي پي ايڇ ڊي اسڪالر عبدالرحمان بلوچ جو فائنل سيمينار خميس 3 نومبر 2022ع تي صبح جو 11 وڳي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ واقع ٽيليڪام ليبارٽري ۾ منعقد ٿيندو. ان موقعي تي اسڪالر عبدالرحمان بلوچ پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪندو. اسڪالر جو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ ۽ معاون سپروائيزر پروفيسر اظهر علي شاهه پڻ سيمينار ۾ موجود هوندا. سيمينار جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/02/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جا سمورا ڪئمپسز 20 کان 22 مارچ تا...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ اور اس کے تمام کیمپسز 20 سے 22 مارچ تک عید...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 03/09/2026