سنڌ يونيورسٽي ءَ جي وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ ايڊميشن ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس، تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ 30 سيڪڙو پاسنگ اسڪور مقرر، مجموعي طور 17077 اميدوار داخلائن جي اهل ٿي ويا:

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايڊميشن ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ 30 سيڪڙو پاسنگ اسڪور مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سان مجموعي طور 17077 اميدوار سنڌ يونيورسٽيءَ جي 70 کان وڌيڪ تعليمي شعبن ۾ داخلائن لاءِ اهل ٿي ويا آهن. جڏهن ته حيدرآباد جي 11، بدين جي 4، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ مٽياريءَ جي 2-2، دادو، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظير آباد ۽ سجاول جي هڪ هڪ اميدوار 80 يا ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون آهن. ڪراچي، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان مان ڪو به اميدوار 80 مارڪون حاصل نه ڪري سگهيو. ٻين صوبن جي هڪ اميدوار کان سواءِ ڪنهن 70 سيڪڙو مارڪون به حاصل نه ڪيون. حيدرآباد ضلعو صوبي جي ٻين سڀني ضلعن مان انٽري ٽيسٽ جي اسڪور ۾ اڳيان رهيو. ايڊميشن ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو 30 آڪٽوبر ۽ 6 نومبر تي ٿيل پري انٽري ٽيسٽ جي نتيجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سندس چوڻ هو ته بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ مجموعي طور 20787 اميدوارن فارم جمع ڪرايا، جڏهن ته انٽري ٽيسٽ جي ٻنهي مرحلن ۾ ڪُل 19348 اميدوارن شرڪت ڪئي. هن ٻڌايو ته داخلائن لاءِ جيڪڏهن 30 سيڪڙو اسڪور مقرر ڪجي ته 17077 اميدوار داخلائن لاءِ اهل ٿيندا، جڏهن ته 25 سيڪڙو اسڪور مقرر ڪرڻ تي 18639 ۽ 20 سيڪڙو اسڪور مقرر ڪرڻ سان 19180 اميدوار داخلائن لاءِ اهل ٿي سگهندا. ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيسٽ جي ٻنهي مرحلن ۾ بهترين مارڪون کڻندڙ اميدوارن جو تعلق حيدرآباد ضلعي سان آهي، جتان جي 11 اميدوارن ٽيسٽ ۾ 80 سيڪڙو يا مٿي مارڪون حاصل ڪيون. 116 اميدوارن 70 سيڪڙو، 536 اميدوارن 60 سيڪڙو، 1330 اميدوارن 50 سيڪڙو، 2411 اميدوارن 40 سيڪڙو، 2889 اميدوارن 35 سيڪڙو ۽ 3224 اميدوارن 30 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون. بدين ضلعو ٻئي نمبر تي رهيو، جنهن جي 4 شاگردن 80 سيڪڙو، 30 اميدوارن 70 سيڪڙو، 141 اميدوارن 60 سيڪڙو، 412 اميدوارن 50 سيڪڙو، 769 اميدوارن 40 سيڪڙو ۽ 1105 اميدوارن 30 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون. هن ٻڌايو ته قمبر-شهدادڪوٽ ۽ مٽياريءَ جا ٻه ٻه اميدوار 80 سيڪڙو يا ان کان مٿي مارڪون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته دادو، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظير آباد، سجاول جي هڪ هڪ اميدوار 80 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون. ڊاڪٽر چانڊيو جو چوڻ هو ته 70 سيڪڙو مارڪن ۾ ميرپورخاص جا 18، ڄامشوري جا 28، سانگهڙ جا 14، ٿرپاڪر جا 19، مٽياريءَ جا 20، نوشهري فيروز جا 5، لاڙڪاڻي جا 13، ٽنڊي الهيار جا 14، عمرڪوٽ جا 5، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ خيرپور ميرس جا 9-9، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ سجاول جا 4-4، گهوٽڪي ۽ ڪشمور جا 3-3، ٽنڊي محمد خان جا 13، جيڪب آباد جا 2 ۽ ٺٽي جا 8 اميدوار پاس ٿيا آهن، جڏهن ته شڪارپور جو ڪو به اميدوار 70 سيڪڙو مارڪون نه کڻي سگهيو. هن ٻڌايو ته 30 سيڪڙو مارڪون ۾ به حيدرآباد پهرئين نمبر تي رهيو. هتان جي 322 اميدوارن 30 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون. اهڙيءَ طرح دادو جي 1652، ميرپورخاص جي 1196، بدين جي 1105، ڄامشوري جي 1001، سانگهڙ جي 1033، ٿرپارڪر جي 721، مٽياريءَ جي 711، نوشهروفيروز جي 878، لاڙڪاڻي جي 770، ٽنڊي الهيار جي 630، عمرڪوٽ جي 613، قمبر-شهدادڪوٽ جي 528، خيرپور ميرس جي 550، شهيد بينظير آبا جي 461، گهوٽڪيءَ جي 381، ٽنڊي محمد خان جي 342، جيڪب آباد جي 210، ٺٽي جي 208، شڪارپور جي 210، ڪشمور جي 186، سکر جي 197 ۽ سجاول جي 119 اميدوارن 30 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون. هن ٻڌايو ته ڪراچيءَ جي ڪُل 99 اميدوارن 30 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون، جڏهن ته 80 ۽ 70 سيڪڙو اسڪول حاصل ڪندڙن ۾ صوبائي گاديءَ واري شهر جو ڪو به اميدوار شامل ناهي. ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي اميدوارن مان مجموعي طور 99 اميدوار 30 سيڪڙو مارڪون کڻي سگهيا، جڏهن ته 80 سيڪڙو مارڪن ۾ هڪ به اميدوار شامل ناهي. صرف هڪ اميدوار 70 سيڪڙو اسڪور کڻي سگهيو، 3 اميدوار 60 سيڪڙو، 22 اميدوار 50 سيڪڙو، 61 اميدوار 40 سيڪڙو، 80 اميدوار 35 سيڪڙو، 90 اميدوار 33 سيڪڙو ۽ 105-105 اميدوار 20 ۽ 25 سيڪڙو اسڪور حاصل ڪري سگهيا. اجلاس ۾ گڏيل راءِ سان پاسنگ مارڪون 30 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي. وائيس چانسلر جو چوڻ هو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ هڪ هزار داخلا وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته 9 نوان شعبا متعارف ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته ٻن تعليمي بورڊن پاران اڃا تائين انٽر ميڊيٽ جا امتحاني نتيجا جاري ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب پهرين عارضي ميرٽ لسٽ جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي. هن چيو ته جيئن ئي رهيل 2 تعليمي بورڊ انٽر ميڊيٽ جا امتحاني نتيجا جاري ڪندا، پهرين ميرٽ لسٽ لڳائي ويندي.