ٽيڪا ترڪيه جي پروگرام آفيسر جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سان ملاقات، ماهيگيريءَ جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر، سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي پهرين يونيورسٽي آهي، هتي 24 ضلعن جا شاگرد تعليم هيٺ آهن

 ترڪيءَ جي منسٽري آف ڪلچر اينڊ ٽوئرزم جي ماتحت اداري ترڪش ڪو آپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا) جي ڪراچيءَ ۾ پروگرام آفيسر حليل ابراهيم بساران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ماهيگيريءَ جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ماهيگيري لاءِ ماڻهن کي تربيت ڏيڻ ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جي پروفيسرن ۽ مڇيءَ جي ماهر ٽيچرن جي مدد وٺڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته ملڪ جي پهرين يونيورسٽي هئڻ سبب سنڌ يونيورسٽي هر شعبي ۾ بهترين گريجوئيٽس پيدا ڪندي رهي آهي، جڏهن ته صوبي جي 24 ضلعن جا شاگرد اعليٰ تعليم ۽ تحقيق لاءِ مادر علمي جي چونڊ ڪندا آهن. هن چيو ته ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز پاڪستان ۾ سڀ کان اڳ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪيو ۽ هن وقت انهيءَ شعبي ۾ 5 پروفيسرن سميت سمورا استاد پي ايڇ ڊي هولڊر آهن، جن چين، جپان ۽ ٻين ملڪن کان ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن چيو ته ٽيڪا ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، پر ان لاءِ ٻيهر ملاقات ڪري پروپوزل تيار ڪيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر گريجوئيٽس کي مختلف ڪاروبار ڪرڻ لاءِ آڊياز فراھم ڪري رھيو آھي. ملاقات دوران ڳالهائيندي ترڪيءَ جي منسٽري آف ڪلچر اينڊ ٽوئرزم جي ماتحت اداري ترڪش ڪوآپريشن اينڊ ڪو آرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا) جي ڪراچيءَ ۾ پروگرام آفيسر حليل ابراهيم بساران چيو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز شعبي سان ماهيگيريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن ماهيگيريءَ جي شعبي کي ترقي وٺرائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻن آفيسن سميت دنيا ۾ هن وقت ترڪيه جون 62 آفيسون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي مختلف شعبن ۾ اتان جي ادارن سان ڪارڪردگيءَ جي تعمير (ڪيپيسٽي بلڊنگ) جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي پاران حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان گريجوئيٽس کي به ماهيگيريءَ بابت آئيڊياز ڏيئي سگهجن ٿا، جنهن جو کين وڏو لاڀ رسندو. هن چيو ته سنڌ ۾ سمنڊ کان سواءِ درياهه ۽ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن، جتي مڇيءَ جي پالنا ۽ ماهيگيري ٿي سگهي ٿي. ملاقات ۾ طئه ٿيو ته فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ ترڪيه ۽ سنڌ يونيورسٽي وچ ۾ ماهيگيري تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪنهن جي معاهدي تي پهچڻ لاءِ فوڪل پرسن هوندو، جڏهن ته فئڪلٽي آف انجنيئرنگ فئڪلتيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ٽيڪنالاجيڪل سپورٽس جي سلسلي ۾ مدد فراهم ڪندو. ترڪش عملدار ٻيهر ايندڙ هفتي سنڌ يونيورسٽي ايندو، جتي هو ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جو دورو ڪندو ۽ فوڪل پرسن توڙي ٻين پروفيسر سان ملاقات ڪري معاملن کي اڳتي وڌائيندو. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ کان سواءِ ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو ۽ ٽيڪا جي پروگرام آفيسر فاطمه پڻ موجود هئا.