سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي 4 سالا بي بي اي (آنرس) پروگرام، چار سالا ايم بي اي پروگرام، 2 سالا ايم بي اي ايوننگ پروگرام (6 سيمسٽر)، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ حصو پهريون جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. پڌرائيءَ موجب ڄاڻايل ڊگري پروگرامن جا امتحاني فارم 23 کان 29 نومبر 2022ع تائين بنا ليٽ فيءَ جي جمع ڪرائي سگهجن ٿا، جڏهن ته 30 نومبر کان پهرين ڊسمبر 2022ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/24/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026