سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گرين يوٿ موومينٽ ڪلب پاران صفائي مهم شروع

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي گرين يوٿ موومينٽ ڪلب پاران ڪنسرن ويسٽ سنڌ اينڊ ريسائيڪلنگ جي سهڪار سان گذريل ڏينهن يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ “صفائي مهم 2022ع” جي شروعات ڪئي ويئي. مهم آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي مرڪزي دروازي کان شروع ٿي، جنهن جي قيادت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، اسٽوڊنٽس افيئرس جي ڊائريڪٽر توڙي گرين يوٿ موومينٽ ڪلب جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، موومينٽ ڪلب جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سجو مل، ڪنسرن ويسٽ سنڌ اينڊ ريسائيڪلنگ جي سي اِي او عبدالحق بنگلاڻي ڪئي.  ان موقعي تي نوجوان رضاڪارن ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ڪئمپس جي صفائي مهم ۽ گند ڪچري جي گدلاڻ سبب پاڪستان کي درپيش چئلينجز بابت آگاهي فراهم ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته گرين يوٿ موومينٽ ڪلب وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جو هڪ اهم نقطو آهي، جنهن کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ذريعي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ متعارف ڪرايو ويو. هنن چيو ته صفائي مهم ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ شاگردن توڙي استادن جو اهم ڪردار هئڻ گهرجي، جنهن کي موومينٽ ڪلب ذريعي اجاگر ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر نعمت الله شاهه، ڊاڪٽر شائسته، ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، ڊاڪٽر پنهل لاشاري، ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو، ڊاڪٽر عاطف منگي، سعيد منگي، ڊاڪٽر امان الله مهر، ڊاڪٽر نعمت الله خلجي، ڊاڪٽر رشدالله شاهه عرف مخمور بخاري، ڪاشف علي ناريجو، شاهه علي شهنشاهه، ڪاشف علي، اشفاق احمد، پريم چند، عبدالخالق، همت علي، جويريا، نمرا، فاطمه، فرحان احمد ۽ ٻين ڪيترن ئي استادن توڙي شاگردن شرڪت ڪئي.