سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پهرين باضابطا ميرٽ لسٽ جاري، اميدوار 18 جنوريءَ تائين داخلا فيس جمع ڪرائي سگهندا:

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامز جي مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ ڪامياب اميدوارن جي پهرين باضابطا  ميرٽ لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل لسٽ موجب مجموعي طور 10242 اميدوارن کي پهرين لسٽ ذريعي مختلف تعليمي پروگرامن ۾ داخلائون ڏنيون ويون آهن. پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو جي مارننگ پروگرام ۾ 7842 ۽ ايوننگ پروگرام جي 1363 اميدوارن سميت ڪل 9205 اميدوارن، محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪئمپس دادو ۾ 201 اميدوارن، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ 250، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ميرپورخاص ۾ 247، سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهروفيروز ۾ 30، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس ۾ 84 ۽ سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين ۾ 225 اميدوارن سميت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ مجموعي طور 10 هزار 242 اميدوارن کي اهليت جي بنياد تي داخلائن لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڊاڪٽر اياز ڪيريو وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڪامياب اميدوار 11 کان 18 جنوري 2023ع تائين حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي ڪنهن به برانچ ۾ داخلا فيس جمع ڪرائي سگهن ٿا، مقرر ڪيل تاريخ گذرڻ کان پوءِ سندن داخلائون رد ڪري ويٽنگ لسٽ تي موجود اميدوارن کي موقعو ڏنو ويندو. ڊائريڪٽر ايڊميشنز موجب ٻي عارضي ميرٽ لسٽ 22 جنوري 2023ع تي جاري ڪئي ويندي.