جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون؛ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر جي ڪوششن سان صوبائي حڪومت علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس لاءِ 40 ڪروڙ رپين جي سولرائيزيشن منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

 جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس لاءِ 400 ملين يعني 40 ڪروڙ رپين جي لاڳت واري سولرائيزيشن منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي صوبائي ترقياتي ورڪنگ پارٽي (پي ڊي ڊبليو پي) جو هڪ اهم اجلاس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي/ مين ڪئمپس لاءِ سالياني ترقياتي منصوبن (اي ڊي پي) ۾ 400 ملين يعني 40 ڪروڙ رپين جو سولرائيزيشن منصوبو منظور ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل منصوبي سان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 2.5 ميگاواٽ بجليءَ جي پيداوار لاءِ سولر انرجي (شمسي توانائي) پارڪ جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جنهن سان ڪئمپس جي بجلي جون ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ مادرعلمي ماهوار ڪروڙين رپيا بجليءَ جا بل جمع ڪرائڻ واري ڏچي کان بچي ويندي. صوبائي حڪومت پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڄاڻايل منصوبي جي منظوري ڏين کانپوءِ وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سنڌ حڪومت خاص طور وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين ميمبرن جو شڪريو ادا ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيل جي ايڊوائيزر ساجد قيوم ميمڻ، سندس ٽيم ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر تنوير گلفام ميمڻ کي واڌايون پيش ڪيون. سندس چوڻ هو ته 40 ڪروڙ رپين جي منظوريءَ سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي بجليءَ جون ضرورتون پوريون ٿي وينديون ۽ ادارو ماهوار بجلي جي بلن جي ادائگيءَ جي مد ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ واري ڏچي مان بچي ويندو. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيل جي ايڊوائيزر ساجد قيوم ميمڻ به نهايت سرهائيءَ جو اظهار ڪندي وائيس چانسيلر، اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ پي سي ون سميت سڄي معاملي ۾ ٽيم ورڪ طور ڪم ڪندڙ آفيسرن، ملازمن ۽ يونيورسٽي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي مبارڪ باد پيش ڪئي آهي.  ٻئي طرف يونيورسٽيءَ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.