سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ ايم فل جي مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ انٽرويوز جو اعلان، اميدوارن کي وقت جي پابندي ۽ ضروري ڪاغذ توڙي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ساڻ کڻي اچڻ جي صلاح

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبن پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ مختلف شعبن ۾ ايم فل ۾ داخلائن لاءِ انٽرويو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ فارماسيوٽڪس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عبيدالرحمان مغل ۽ فارماڪوگنوسي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحڪيم ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته شعبي جي ايم فل اميدوارن جا انٽرويوز سڀاڻي 6 اپريل 2023ع تي صبح جو 10 وڳي فئڪلٽي آف فارميسي ۾ ورتا ويندا. اهڙيءَ طرح فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، ڊپارٽمينٽ آف فارماڪولاجي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر فوزيه پنهور، انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي ۽ ڊپارٽمينٽ آف پوليٽيڪل سائنس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر پاران جاري ڪيل پڌرائين موجب ڄاڻايل شعبن جي ايم فل اميدوارن جا انٽرويوز 10 اپريل تي صبح جو 9 وڳي لاڳاپيل شعبن ۾ ورتا ويندا. ٻئي طرف ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محبوب علي رند پاران 10 اپريل تي صبح جو ساڍي 9 وڳي ايناليٽيڪل ڪئمسٽري ۽ ان آرگينڪ ڪئمسٽري، جڏهن ته 11 اپريل تي صبح جو ساڍي 9 وڳي آرگينڪ ڪئمسٽري ۽ فزيڪل ڪئمسٽري ۾ ايم فل جا انٽرويوز ڪرڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفان علي ميمڻ ايم فل اميدوارن کان انٽرويوز 11 اپريل تي صبح جو ساڍي 9 وڳي ڊائريڪٽر آفيس ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان سواءِ ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جي چيئرمين خالد حسين لاشاري ۽ انسٽيٽيوٽ آف بايوٽيڪنالاجي ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد رفيق پاران جاري ڪيل پڌرائين موجب ڄاڻايل شعبن جي ايم فل اميدوارن کان انٽرويوز 12 اپريل تي صبح جو ساڍي 9 وڳي لاڳاپيل شعبن ۾ ورتا ويندا. سمورن شعبن لاڳاپيل اميدوارن کي پاڻ سان گڏ تعليمي سرٽيفڪيٽ ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچڻ ۽ وقت جي پابنديءَ جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.