سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ اجلاس، تعليمي بئچ 2023ع (ايوننگ) کان سواءِ باقي سمورين بئچز جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان 25 مئي کان شروع ڪرائڻ جو اعلان: پهرئين سال جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان آگسٽ ۾ منعقد ٿيندا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ مختلف ڪئمپسز جي پرو وائيس چانسلر، فوڪل پرسنز، ڊينز ۽ انتظامي عملدارن جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ تعليمي سال 2023ع جي ايوننگ بئچ کان سواءِ باقي سمورين بئچن جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان 25 مئي کان شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته 2023ع بئچ (ايوننگ) جا امتحان آگسٽ ۾ اونهاري جي موڪلن کان پوءِ منعقد ڪرائڻ ۽ 23 مئي تائين سمورين بئچز جا ڪلاسز معمول موجب هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ميرپورخاص ڪئمپس جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهروفيروز جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نعيم طارق ناريجو، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي، فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، فئڪلٽي آف لا طرفان انسٽيٽيوٽ آف لا جي ڊائريڪٽر علي رضا لغاري، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيل جي ايڊوائيزر ساجد قيوم ميمڻ، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ ۽ ڊائريڪٽر ايڊميشنز طرفان وڪيش ڪمار راجاڻي موجود هئا. اجلاس ۾ ڪئمپسز جي پرو وائيس چانسلر ۽ فوڪل پرسنز توڙي مختلف فئڪلٽين جي ڊين پنهنجن پنهنجن ڪئمپسز ۽ فئڪلٽين جي پهرئين سيمسٽر جي ڪلاسز بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته وڌيڪ ٻن هفتن اندر ڪورسز مڪمل ٿي ويندا، جنهن بعد اجلاس ۾ يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته 2023ع بئچ ايوننگ پروگرام کان سواءِ باقي سمورين بئچن (مارننگ ۽ ايوننگ) جي پهرئين سيمسٽر جا امتحان 25 مئي کان شروع ٿيندا. اجلاس ۾ طئه ڪيو ويو ته 2023ع ايوننگ پروگرام تحت زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پهرئين سيمسٽر جا امتحان آگسٽ 2023ع ۾ اونهاري جي موڪلن بعد ورتا ويندا ته جيئن سندن ڪورسز مڪمل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته تعليمي سال 2023ع ۾ گذريل سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ تقريبن 3 هزار داخلائون وڌيڪ ٿيون آهن، جيڪا خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته يونيورسٽيءَ اندر سڌارا آڻيندي نوان تعليمي شعبا متعارف ڪرائڻ سبب هن سال وڌيڪ داخلائون ٿيون آهن. هن چيو ته ٻن سالن تائين نرميءَ سان پيش اچڻ تي چند ملازمن پاڻ کي ڏاڍو سمجهڻ شروع ڪيو آهي، پر يونيورسٽيءَ جي نظام کان ڪو به ڏاڍو ناهي. اهو سڀني کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته عارضي مفادن خاطر مستقل طور يونيورسٽيءَ کي مالي طور ويهارڻ جون ڪوششون برداشت جوڳيون نه آهن. وائيس چانسلر اجلاس ۾ موجود سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي غير حاضر ملازمن جي رپورٽ موڪلين ته جيئن سندن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ڪنهن به تعليمي اداري کي هڙتال ذريعي هڪ ڏينهن لاءِ به بند نٿو رکي سگهجي، پابندي پيل سيوا جي چند اڳوڻن اڳواڻن 4-5 ڏينهن ملازمن جون پوائنٽ بسون زبردستي واپس ڪرايون ۽ آفيسن مان ملازمن کي ڪڍي تالا بندي ڪئي، جنهن تي قانون حرڪت ۾ آيو ۽ 10 ملازمن تي ڪيس داخل ٿيو. هن چيو ته مستقبل ۾ ڪڏهن به اهڙي قسم جي حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي، جنهن سان مادر علمي ۾ تالابندي ٿئي. اداري جي پرامن تعليمي ۽ انتظامي ماحول ۾ رڪاوٽ وجهندڙ چند ملازمن خلاف يونيورسٽيءَ جي رولز موجب ڪارروائي ٿي ته هو ڪٿان جا به نه رهندا، تنهنڪري چند احتجاجي ملازم پنهنجين ڊيوٽين تي اچن ۽ غير قانوني مطالبن جي آڙ ۾ تعليمي، تحقيقي ۽ انتظامي ڪاروهنوار ۾ رخنو وجهڻ بند ڪن.