سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي 21 اسڪالرن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ تقسيم، هر اسڪالر کي 2 لک 30 هزار رپين جو چيڪ مليو، مجموعي طور 48 لک رپيا ورهايا ويا:

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ 21 اسڪالرن کي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران فراهم ڪيل اسڪالر شپ جا چيڪ ڏنا ويا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو اميدوارن ۾ 2 لک 30 هزار (في اميدوار) جا چيڪ ورهايا. مجموعي طور 21 اسڪالرن ۾ 48 لک رپيا جا چيڪ تقسيم ڪيا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته اسڪالر مليل رقم جو درست استعمال ڪن ۽ پنهنجين ايم فل توڙي پي ايڇ ڊي جي ڊگرين کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم يافته استاد موجود آهن، جن جي نگرانيءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون مڪمل ڪرڻ وڏي غنيمت آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي خودمختيار ادارو آهي ۽ هتان جي استادن، آفيسرن يا ملازمن کي ٻين سرڪاري کاتن وانگر سڌيءَ ريت پگهار ناڻي واري وزارت پاران نه پئي ڏني وڃي، پر سنڌ توڙي وفاق جي گرانٽس کي ملائي ساليانو ڪل پگهار جو 42 سيڪڙو بجيٽ ملي ٿي، باقي 58 سيڪڙو رقم جو بندوبست يونيورسٽيءَ کي پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته فيس ۾ معمولي واڌ ڪرڻ سان اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي يونيورسٽي انتظاميا خلاف طوفان برپا ڪيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ت سرڪاري يونيورسٽيءَ فيس ۾ واڌ ڪئي آهي، جن جي اسڪالر ترديد ڪن ۽ ماڻهن کي اهو ٻڌائين ته سنڌ يونيورسٽي اڄ به ٻين تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ سٺي تعليم مهيا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون وقت سان مڪمل ڪرڻ سان هڪ ته اسڪالر کي فائدو ٿيندو، ٻيو ته اهو يونيورسٽيءَ تي هروڀرو بار نه هوندو ۽ يونيورسٽي ٻين اسڪالرن کي داخلائون ڏيئي سگهندي. ان جو ڪارڻ ايڇ اي سي اسلام آباد جي گائيڊ لائين آهي، جنهن استادن کي هڪ مخصوص انگ تائين اسڪالرن جي نگراني ڪرڻ جو پابند بڻايو آهي. هن چيو ته سندس ٻن سالن جي دور ۾ 29 ڪروڙ رپيا احساس اسڪالرشپ جي مد ۾ ورهائجي چڪا آهن، جنهن جو 4 هزار کان وڌيڪ انڊر گريجوئيٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فائدو پهتو آهي. تقريب ۾ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر ڪيو اي سي ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي، ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صائمه قويم ميمڻ، سنڌ يونيورسٽي پئٽروليم سروس جو انچارج ڊاڪٽر پنهل سومرو، ڊائريڪٽر اوريڪ ڊاڪٽر عقيل احمد ڀٽو، قمر نانگراج، جان عالم سولنگي، ڊاڪٽر سرفراز حسين تنيو، ڊاڪٽر نظير احمد، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.