سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو پاران ڪئمپس جو دورو، مختلف شعبن ۾ وڃي ھلندڙ امتحاني عمل جو معائنو، انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظھار

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس جو دورو ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ وڃي ھلندڙ امتحاني عمل جو معائنو ڪيو. ھن انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظھار ڪيو. وائيس چانسيلر سڀ کان اڳ لائبريري سائنس شعبي پھتو، جتي ھن پھرين سيمسٽر جي ھلندڙ امتحانن جو جائزو ورتو ۽ شاگردن کان سندن پرچي بابت دريافت پڻ ڪيو. بعد ۾ ھن سينٽرل لائبريري جا مختلف شعبا گھمي ڏٺا. چيف لائبريرين پير بخش بجير کيس ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن توڙي پڙھائي لاءِ ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي انگ بابت بريفنگ ڏني. بعد ۾ وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلھوڙو فيڪلٽي آف فارميسي پھتو، جتي ھن ھلندڙ امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ اتان جي ٽيچرز سان گڏجاڻي ڪري فارميسي شعبي کي وڌيڪ بھتر بنائڻ، ھٿي وٺرائڻ ۽ ان جو معاشري ۾ عملي ڪردار وڌائڻ جي حوالي سان ھدايتون جاري ڪيون. وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو پھرين سيمسٽر جي ٻئي پيپر دوران آرٽس فيڪلٽي جو دورو ڪيو ۽ امتحاني عمل توڙي سھولتن جو جائزو ورتو. ھن شاگردن لاءِ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي جي بندوبست سميت سھولتن جي فراهمي تي اطمينان جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ نيچرل سائنس فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نعيم طارق ناريجو، فيڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حماد الله ڪاڪيپوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گھوٽو، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، پروفيسر ڊاڪٽر عبيد الرحمان مغل، سيڪيورٽي آفيسر غلام رسول چانڊيو، ڪمپيوٽر پروگرامر منظور علي پنھور ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.