سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو پاران آءِ بي اي جو دورو، ھلندڙ امتحاني عمل جو معائنو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو دورو ڪيو ۽ مختلف هالن ۾ وڃي ھلندڙ امتحاني عمل جو معائنو ڪيو. ھن انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظھار ڪيو. دوري دوران وائيس چانسيلر آءِ بي اي جي عمارت جو جائزو ورتو، جتي هن آڊيٽوريم هال ۽ سيمينار لائبريريءَ کي اونهاري جي موڪلن دوران مرمت ڪرائڻ جا حڪم به جاري ڪيا. هن واش رومن جي حالت بهتر بنائڻ سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ وڌيڪ 8 واش روم ٺهرائڻ لاءِ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه کي ليٽر لکڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڪامريس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر فرحان زيب خاصخيلي، سيڪيورٽي آفيسر ۽ معروف ليکڪ ۽ اينڪر غلام رسول چانڊيو پڻ موجود هئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/08/2023
Announcements
1024 x 768
SU Directorate of Sports plans sports facilities for students’ hostels on VC’s directi...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائس چانسلر کی خصوصی ہدایات پر ڈائریکٹوریٹ آف اسپ...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائيس چانسلرجي خصوصي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف اس...
View Details → 09/18/2026