سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو پاران آءِ بي اي جو دورو، ھلندڙ امتحاني عمل جو معائنو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو دورو ڪيو ۽ مختلف هالن ۾ وڃي ھلندڙ امتحاني عمل جو معائنو ڪيو. ھن انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظھار ڪيو. دوري دوران وائيس چانسيلر آءِ بي اي جي عمارت جو جائزو ورتو، جتي هن آڊيٽوريم هال ۽ سيمينار لائبريريءَ کي اونهاري جي موڪلن دوران مرمت ڪرائڻ جا حڪم به جاري ڪيا. هن واش رومن جي حالت بهتر بنائڻ سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ وڌيڪ 8 واش روم ٺهرائڻ لاءِ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه کي ليٽر لکڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڪامريس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر فرحان زيب خاصخيلي، سيڪيورٽي آفيسر ۽ معروف ليکڪ ۽ اينڪر غلام رسول چانڊيو پڻ موجود هئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/08/2023
Announcements
1024 x 768
Sindh University organizes career counseling session for CSS aspirants - DG Civil Services...
View Details → 10/22/2025
1024 x 768
SU extends exam form deadline for multiple programs
View Details → 10/22/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران سي ايس ايس جي خواهشمند اميدوا...
View Details → 10/22/2025