سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2023ع تحت مختلف شعبن ۾ ايم فل/ ايم ايس پروگرام ۾ داخلائون ماڻيندڙ اسڪالرن کي پنھنجي داخلا فيس 23 جون تائين جمع ڪرڻ جي صلاح،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2023ع تحت مختلف شعبن ۾ ايم فل/ ايم ايس پروگرام ۾ داخلائون ماڻيندڙ اسڪالرن کي پنھنجي داخلا فيس 23 جون تائين جمع ڪرڻ جي صلاح ڏيندي واضح ڪيو ويو آھي ته ڄاڻايل تاريخ تائين فيس جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار داخلائن کان رھجي ويندا ۽ ڊيڊلائن ۾ وڌيڪ ڪا واڌ نه ڪئي ويندي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽيڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ پنھنجي ھڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ته تعليمي سال 2023ع تحت مختلف شعبن ۾ ايم فل/ ايم ايس ۾ داخلائون حاصل ڪندڙ اميدوار 23 جون تائين ھر صورت ۾ پنھنجي داخلا فيس جمع ڪرائين. ھن چيو ته ڄاڻايل تاريخ ۾ وڌيڪ واڌ نه ٿيندي ۽ جيڪي به اميدوار 23 جون تائين پنھنجي داخلا فيس جمع نه ڪرائيندا، اھي ايم فل داخلائن تان ھٿ ڌوئي ويهندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/16/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرسمس ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران عدالتي حڪمن جي تعميل جو سلسلو...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي...
View Details → 12/18/2025