سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2023ع تحت مختلف شعبن ۾ ايم فل/ ايم ايس پروگرام ۾ داخلائون ماڻيندڙ اسڪالرن کي پنھنجي داخلا فيس 23 جون تائين جمع ڪرڻ جي صلاح،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2023ع تحت مختلف شعبن ۾ ايم فل/ ايم ايس پروگرام ۾ داخلائون ماڻيندڙ اسڪالرن کي پنھنجي داخلا فيس 23 جون تائين جمع ڪرڻ جي صلاح ڏيندي واضح ڪيو ويو آھي ته ڄاڻايل تاريخ تائين فيس جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار داخلائن کان رھجي ويندا ۽ ڊيڊلائن ۾ وڌيڪ ڪا واڌ نه ڪئي ويندي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽيڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ پنھنجي ھڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ته تعليمي سال 2023ع تحت مختلف شعبن ۾ ايم فل/ ايم ايس ۾ داخلائون حاصل ڪندڙ اميدوار 23 جون تائين ھر صورت ۾ پنھنجي داخلا فيس جمع ڪرائين. ھن چيو ته ڄاڻايل تاريخ ۾ وڌيڪ واڌ نه ٿيندي ۽ جيڪي به اميدوار 23 جون تائين پنھنجي داخلا فيس جمع نه ڪرائيندا، اھي ايم فل داخلائن تان ھٿ ڌوئي ويهندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/16/2023
Announcements
1024 x 768
Academics call for responsible social media use to protect human rights
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
SU constitutes committee to strengthen alumni outreach
View Details → 03/11/2026
1024 x 768
تعلمي ماهرن پاران انساني حقن جي تحفظ لاءِ سوشل مي...
View Details → 03/11/2026