سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اڳئين ڪلاسن ۾ داخلا فيس جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آخري موقعو: هڪ هزار رپيا ليٽ فيءَ سان داخلا في 23 جون تائين جمع ڪرائڻ جي صلاح

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾بيچلرس جي ٻئين، ٽئين، چوٿين، پنجين ۽ ماسٽرس جي آخري سال (صبح ۽ شام) جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صلاح ڏني ويئي آهي ته هو تعليمي سال 2023ع تحت پنهنجي داخلا فيس هڪ هزار رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ 23 جون 2023ع تائين جمع ڪرائين. اڳئين ڪلاسن ۾ داخلا فيس جا چالان سندن اي پورٽل اڪائونٽن تي موجود آهن. داخلا فيس جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن جا نالا وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ تصديق نه ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ سرڪيولر ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو وڌيڪ ڄاڻايو ته جن به شاگردن ۽ شاگردياڻين تعليمي سال 2023ع دوران اڳئين ڪلاسن جي داخلا في 6 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين جمع نه ڪرائي، اهي پنهنجن اي پورٽل مان نئون چالان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ، ايڇ بي ايل موبائيل ايپ، ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ ايپ/ ايجنٽ ذريعي فيس جمع ڪرائي سگهن ٿا، جنهن جي آخري تاريخ هڪ هزار ليٽ فيءَ سان 23 جون 2023ع مقرر ڪئي ويئي آهي. پڌرائي موجب جيڪڏهن شاگردن ۽ شاگردياڻين ڄاڻايل تاريخ تائين يا اڳ ۾ پنهنجي داخلا فيس جمع نه ڪرائي ته وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ سندن نالن جي تصديق نه ڪئي ويندي، جڏهن ته سندن ايل ايم ايس (اي پورٽل اڪائونٽ) بلاڪ ڪيو ويندو. پڌرائيءَ موجب اهڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين جا امتحاني نتيجا روڪيا ويندا ۽ کين اسٽوڊنٽس آءِ ڊي ڪارڊ به جاري نه ڪيو ويندو، جڏهن ته “حقيقي شاگرد” طور کين ملندڙ سموريون سهولتون کانئن واپس ورتيون وينديون.