وڏي وزير جي خاص صلاحڪار تنزيله امه حبيبه جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختيارين سان ملاقات،

سنڌ جي وڏي وزير جي انفارميشن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت خاص صلاحڪار تنزيله امه حبيبه پنهنجي 6 رڪني وفد سميت سنڌ يونيورسٽي پهچي رجسٽرار آفيس ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ايم ايڇ ايس بخاري پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميڪا ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي حڪومت جي انفارميشن، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مڪمل ٿيل 16 ڏينهن واري آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه برج پروگرام جو جائزو ورتو ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر ذيشان ڀٽيءَ آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه برج پروگرام جي 16 ڏينهن واري پهرين بئچ جي شاگردن جي تربيت مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان صوبائي صلاحڪار ۽ سندس ٽيم کي بريفنگ ڏني ۽ مستقبل ۾ پروگرام جي ڪاميابيءَ جي حوالي سان ڪجهه اهم تجويزون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار تنزيله امه حبيبه چيو ته وڏي وزير هڪ ڏينهن اڳ کيس خوشخبري ڏني ته ماتليءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس کولڻ جي منظوري ڏني ويئي آهي، جنهن ۾ ابتدائي طور انگريزي، آءِ ٽي ۽ ايل ايل بي جهڙا اهم پروگرام شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ سکيا ڏيڻ لاءِ ابتدائي طور پائليٽ پروگرام شروع ڪيو ويو ته جيئن ان مان وڌيڪ سبق سکي سگهجي ۽ تربيتي ڪورس کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه برج پروگرام جو مقصد يونيورسٽين ۽ صنعتي ادارن وچ ۾ موجود گيپ کي ختم ڪرڻ ۽ انڊسٽريز کي تربيت ورتل نوجوان فراهم ڪرڻ آهي، جنهن سان هڪ ته صنعتي ادارن جو فائدو ٿيندو ۽ ٻيو سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريون ڏياري صوبي مان غربت گهٽائڻ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته صوبائي حڪومت وٽ ايتريون نوڪريون نه آهن، جو هر نوجوان کي نوڪري ڏيئي سگهجي، تنهن ڪري آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه برج پروگرام شروع ڪرايو ويو، جنهن مان اڳتي هلي وڏو فائدو پهچندو. هن چيو ته نوجوان آءِ ٽي فيلڊ ۾ لاڳاپيل تربيت حاصل ڪري صنعتي ادارن ۾ بهترين نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موجوده دور ٽيڪنيڪل مهارتون حاصل ڪرڻ جو دور آهي ۽ مهارتون اهي ئي نوجوان حاصل ڪري سگهن ٿا، جن کي ڪجهه سکڻ ۽ اڳتي هلي نجي شعبي ۾ بهترين روزگار حاصل ڪرڻ جي جستجو هجي. هن چيو ته اڳتي هلي سنڌ جي انهن يونيورسٽين کي آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه گيپ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، جيڪي پاڻ پنهنجن شاگردن جي اسڪل ڊولپمينٽ لاءِ تيار هجن، اسان زبردستي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ اهڙا فني سکيا جا پروگرام نٿا هلائي سگهون. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ سميت ڪجهه ادارن ۾ پائليٽ پروگرام طور شروع ڪرايل تربيتي ڪورسز ۾ شاگردن جون تڪليفون سمجهڻ ۾ مدد ملي ۽ مستقبل ۾ انهيءَ پروگرام کي وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر بنايو ويندو، گڏوگڏ ڏورانهن علائقن کان تربيتي ڪورس لاءِ ايندڙ نوجوانن لاءِ ڪجهه مالي معاوضي جو به اهتمام ڪيو ويندو. صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته نوجوانن کي صرف تربيت فراهم ڪجي، پر کين روزگار نه ملي، انڪري ئي آءِ ٽي انڊسٽري اڪيڊميه گيپ پروگرام ترتيب ڏنو ويو. اسان جو مقصد اهو يقيني بنائڻ آهي ته تربيتي ڪورسز مڪمل ڪندڙ سمورن نوجوانن کي پرائيويٽ ادارن ۾ نوڪريون ملن ۽ اهو اسان ڪري ڏيکارينداسين. هن چيو ته موجوده وڏي مهانگائيءَ جو حل آءِ ٽي شعبي طرف وڌ کان وڌ نوجوانن کي آڻڻ ۽ مئٽرڪ توڙي انٽر پاس نوجوانن کي پڻ انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ آڻي تربيتي ڪورسز ڪرائڻ ۾ آهي. انڊسٽريز ۾ سکيا ورتل ماڻهن جي ضرورت آهي، جنهن مان فائدو وٺڻ لاءِ فني طور مضبوط ٿيڻو پوندو. تقريب ۾ انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان ڊاڪٽر شاهزيب علي ملڪ، جنيد راڄپوت، رانا شهزاد قيصر، سيف الملوڪ، اطهر حسين بلوچ ۽ عدنان شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ، ڊاڪٽر عبدالوحيد مهيسر، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو،  ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.