سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل خانگي ڪاليجن ۾ بي بي اي حصو پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون جي سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل خانگي ڪاليجن توڙي انسٽيٽيوٽس ۾ بي بي اي حصو پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون جي پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل خانگي ڪاليجن توڙي انسٽيٽيوٽس ۾ 4 سالا بي بي اي پروگرام حصو پهريون (بئچ 2023ع)، حصو ٻيون (بئچ 2021ع ۽ 2022ع)، حصو ٽيون (بئچ 2020ع) ۽ حصو چوٿون (بئچ 2019ع) جي ريگيولر توڙي فيلوور اميدوارن جا پهرئين سيمسٽر 2023ع جا امتحان جلد منعقد ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ بنا ليٽ فيءَ جي آن لائين امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 21 آگسٽ 2023ع مقرر ڪئي ويئي، جڏهن ته 22 کان 25 آگسٽ 2023ع تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ فارم جمع ڪرائي سگهبو. پڌرائيءَ موجب لاڳاپيل ڪاليج 28 آگسٽ يا ان کان اڳ امتحاني فارم سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنٽرولر آفيس ۾ لازمي جمع ڪرائين. پڌرائيءَ موجب امتحاني فيس ڪمپيوٽرائيزڊ چالان ذريعي حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي، جڏهن ته امتحاني فيس فنڊ ٽرانسفر/ سينڊ مني آپشن ذريعي جمع نه ڪرائي وڃي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/07/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026