پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ڊين مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه بخاري پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن جي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا کي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو 3 سالن لاءِ ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وزيراعليٰ سنڌ، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا کي 3 سالن جي عرصي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاوجي جو ڊين مقرر ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پڻ اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جي سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين ۾ پرو وائيس چانسلر طور مقرريءَ کان پوءِ ڊين جو عهدو خالي ٿيو، جنهن تي وائيس چانسلر جي سفارش تي ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا جي مقرري عمل ۾ آئي آهي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/16/2023
Announcements
1024 x 768
Breast Cancer Claims 40,000 Women’s Lives Annually in Pakistan; SU Seminar Stresses Awar...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
Artists Express Emotions and Reflect Society Through Colours: Art and Craft Exhibition Hel...
View Details → 10/30/2026
1024 x 768
پاکستان میں ہر سال چھاتی کے کینسر کے باعث 40 ہزار خÙ...
View Details → 10/30/2026