پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ڊين مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه بخاري پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن جي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا کي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو 3 سالن لاءِ ڊين مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وزيراعليٰ سنڌ، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا کي 3 سالن جي عرصي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاوجي جو ڊين مقرر ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پڻ اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جي سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين ۾ پرو وائيس چانسلر طور مقرريءَ کان پوءِ ڊين جو عهدو خالي ٿيو، جنهن تي وائيس چانسلر جي سفارش تي ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا جي مقرري عمل ۾ آئي آهي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/16/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح م...
View Details → 07/30/2026
1024 x 768
SU finalises admission schedule for Academic Year 2027; classes to begin on January 4
View Details → 07/30/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں وائس چانسلر پروفیسر ڈاکٹر فتح محمد...
View Details → 07/30/2026