سنڌ يونيورسٽيءَ جي امتحانن واري ڪنٽرولر پاران بي ڪام ۽ اي ڊي ڪامرس حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2021ع جي نتيجن جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ٿيل بي ڪام (پاس) حصو ٻيون ۽ اي ڊي ڪامرس حصو ٻيون جي سالياني امتحانن 2021ع جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ ڄاڻايو ته بي ڪام (پاس) حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2021ع ۾ مجموعي طور 817 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 18 اميدوار فرسٽ ڪلاس، 615 سيڪنڊ ڪلاس ۽ 17 اميدوار ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيا، جنهن سبب مجموعي طور 650 اميدوار پاس ۽ 52 ناپاس قرار ڏنا ويا. پڌرائي موجب امتحان ۾ 33 اميدوار غير حاضر رهيا، جڏهن ته 82 ڄڻن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو تناسب مجموعي طور 79.55 سيڪڙو رهيو. ٻئي طرف اي ڊي (ڪامرس) حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2021ع ۾ مجموعي طور 2925 اميدوار شريڪ ٿيا، جن مان 359 اميدوار فرسٽ ڪلاس، 2198 سيڪنڊ ڪلاس ۽ 9 اميدوار ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيا، جنهن سبب مجموعي طور 2566 اميدوار پاس ۽ 127 ناپاس قرار ڏنا ويا. پڌرائي موجب امتحان ۾ 24 اميدوار غير حاضر رهيا، جڏهن ته 208 ڄڻن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو تناسب مجموعي طور 87.72 سيڪڙو رهيو.