سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائون جاري، آن لائين فارم يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي موجود

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ مختلف بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائون جاري آهن. داخلائن جا خواهشمند اميدوار يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهڻ بعد آن لائين فارم ڀري سگهن ٿا. آن لائين فارم ڀرڻ دوران ڪمپيوٽر مان جنريٽ ٿيندڙ 3000 رپين تي مشتمل داخلا پراسيسنگ فيس وارو چالان حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائڻ ضروري آهي. مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ آن لائين فارم ڀرڻ جي آخري تاريخ 4 آڪٽوبر مقرر ٿيل آهي. اهڙيءَ طرح بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 25، 22 ۽ 29 آڪٽوبر تي ٽن مرحلن ۾ ٿيندي، جڏهن ته ايل ايل ايم ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 19 نومبر تي انسٽيٽيوٽ آف لا ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندي. بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس (مين ڪئمپس) ڄامشورو ۽ ٻين لاڳاپيل ڪئمپسز ۾ ورتي ويندي. سنڌ يونيورسٽي هن ڀيري 2 نوان تعليمي شعبا ايسٽرن ميڊيسن اينڊ سرجري ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس ۾ بي ايس پروگرام لاءِ پڻ داخلائون آڇي رهي آهي. ٻئي طرف قانون جي تعليم جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي 5 سالا ايل ايل بي پروگرام علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس (مين ڪئمپس) ۾ پڻ شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/19/2023
Announcements
1024 x 768
9341 candidates take SU test for admissions to bachelor degree programs in 1st phase
View Details → 10/12/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ میں تعلیمی سال 2026ء کے لیے بیچلر ڈگری پ...
View Details → 10/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2026ع تحت بيچلر ڊگري پ...
View Details → 10/12/2025