سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ اجلاس، تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر پروگرامن ۾ اعلانيل داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ٻن مرحلن 22 ۽ 29 آڪٽوبر تي وٺڻ جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ رٿيل پري انٽري ٽيسٽ لاءِ جوڙيل مختلف ڪميٽين جي ڪنوينرن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ بيچلرس، پنجين سيمسٽر ۽ ماسٽرز ۾ داخلائن لاءِ آن لائين فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 16 آڪٽوبر تائين واڌ ڪرڻ ۽ انڊر گريجوئيٽ پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ مين ڪئمپس تي پري انٽري ٽيسٽ ٻن مرحلن 22 ۽ 29 آڪٽوبر تي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس وائيس چانسلر آفيس ۾ وي سي پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي کان سواءِ لاجسٽڪ سپورٽ ڪميٽيءَ جي ڪنوينر رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڪو آرڊينيشن ڪميٽيءَ جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، هال مئنيجمينٽ، رسيپشن اينڊ گائيڊنس ڪميٽيءَ جي ڪنوينر احسان شاهه راشدي، اسٽوڊنٽس والنٽيئرز ڪميٽيءَ جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪرم انصاري، پبلسٽي اينڊ پريس ڪميٽيءَ جي ڪنوينر نادر علي مغيري، آءِ ٽي سروسز ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ڪامران ڏاهري، سيڪيورٽي ڪميٽي جي ڪنوينر عبدالمجيد پنهور، واٽر ڊسٽريبيوشن ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ڊاڪٽر نذير احمد بروهي، پاور سپلاءِ ڪميٽيءَ جي ڪنوينر انجنئر تنوير گلفام ميمڻ، پروڪيورمينٽ ڪميٽيءَ جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري، ميڊيڪل فيسيليٽيشن اينڊ ايمرجنسي ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ڊاڪٽر اربيلا آغا، فنانس ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ، ٽرانسپورٽ ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ميهر علي قاضي، ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو، ڊائريڪٽر بيورو آف اسٽيگس ڊاڪٽر غزالا پنهور، سينيئر ٽرانسپورٽ آفيسر رحمت الله شر ۽ سيڪيورٽي آفيسر ڪاشف ناريجو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته اميدوارن پاران داخلا جي تاريخ ۾ واڌ لاءِ ڪيل اپيل تي داخلائن لاءِ آن لائين فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 16 آڪٽوبر تائين واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته انٽري ٽيسٽ ٽن بجاءِ ٻن مرحلن ۾ 22 ۽ 29 آڪٽوبر تي منعقد ڪرائڻ جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپسز ۾ داخلا جي خواهشمند اميدوارن کان سندن ڪئمپسز ۾ ئي انٽري ٽيسٽ هڪ ئي ڏينهن 29 آڪٽوبر تي ورتي ويندي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته علامه آءِ ءِ قاضي ڪئمپس تي تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ رٿيل انٽري ٽيسٽ جي ٻنهي مرحلن دوران هڪ ٻئي جي ويجهو واقع ضلعن جي اميدوارن کي گڏ گهرايو وڃي ته جيئن هو گڏجي سهولت سان يونيورسٽي پهچي ٽيسٽ ڏين. هن ان موقعي تي سڀني ڪنوينرن جون تجويزون ٻڌيون، جنهن بعد انٽري ٽيسٽ لاءِ سيڪيورٽي، صحت، سِيٽنگ ارينجمينٽ، اميدوارن کي ڪنهن به ڏکيائيءَ کان بچائڻ، پارڪنگ ۽ اميدوارن توڙي سندن والدين جي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان پلان تيار ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.