سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2024ع لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي تاريخ ۾ 20 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلرس، ٿرڊ ايئر (پنجون سيمسٽر) ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ آن لائين فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 20 آڪٽوبر 2023ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. ان حوالي سان ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو ڄاڻايو ته اميدوارن ۽ سندن والدين جي اصرار تي داخلائن جي تاريخ ۾ آخري ڀيرو 20 آڪٽوبر 2023ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ مان جتان به اميدوار سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ آن لائين درخواستون جمع ڪرائيندا، انهن کان انٽري ٽيسٽ ٻئي مرحلي دوران 29 آڪٽوبر 2023ع تي ورتي ويندي. هن اهو به ڄاڻايو ته 16 ضلعن دادو، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ڪراچي، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻي، نوشهروفيروز، قمبر-شھدادڪوٽ، سانگھڙ، شھيد بينظيرآباد، شڪارپور، سجاول، سکر، ٿرپارڪر ۽ ٺٽي جي اميدوارن جي ٽيسٽ 22 آڪٽوبر تي منعقد ٿي رهي آهي، انهن کي ايڊمٽ ڪارڊ سندن اي ميل ايڊريسز ذريعي موڪليا ويا آهن. هنن داخلائن لاءِ رجسٽريشن دوران جيڪي اي ميل ايڊريسون فراهم ڪيون، اهي چيڪ ڪري پنهنجا ايڊمٽ ڪارڊ ڊائون ڪري وٺن.