سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ اجلاس، ٻئي مرحلي ۾ 29 آڪٽوبر تي شفاف نموني ٽيسٽ منعقد ڪرائڻ بابت حڪمت عملي جوڙي ويئي: اهم فيصلا ڪيا ويا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ پري انٽري ٽيسٽ 2024ع لاءِ جوڙيل مختلف ڪميٽين جي ڪنوينرن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ 29 آڪٽوبر تي رٿيل انٽري ٽيسٽ جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺندي شفاف نموني ٽيسٽ منعقد ڪرڻ بابت حڪمت عملي جوڙي ويئي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. وائيس چانسلر جي آفيس ۾ سندس صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، انجنيئر شبير احمد عباسي، انجنيئر تنوير گلفام، عبدالمجيد پنهور، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ڊاڪٽر ذوالفقار علي زيدي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، ڊاڪٽر اربيلا آغا، منور راڄڙ، ڪاشف علي ناريجو، فيصل مغل، ميهر علي قاضي، ڊاڪٽر ناهيد آرائين، ڊاڪٽر علي نواز سيال، ڊاڪٽر مخمور بخاري ۽ ياسر محبوب شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 22 آڪٽوبر تي ڪاميابيءَ سان ٿيل انٽري ٽيسٽ وانگر 29 آڪٽوبر تي رٿيل پري انٽري ٽيسٽ کي به ساڳئي انداز سان منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن جي متوازن رپورٽنگ جي واکاڻ ڪندي ايندڙ ٽيسٽ دوران به کانئن ساڳئي جذبي جي اميد ڪئي ويئي.