سنڌ يونيورسٽي ءَ جي وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ ايڊميشن ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس، تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ 30 سيڪڙو پاسنگ اسڪور مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايڊميشن ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ 30 سيڪڙو پاسنگ اسڪور مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سان مجموعي طور 16658 اميدوار سنڌ يونيورسٽيءَ جي 70 کان وڌيڪ تعليمي شعبن ۾ داخلائن لاءِ اهل ٿي ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رهيل تعليمي بورڊن پاران انٽرميڊيٽ جي امتحاني نتيجن جو اعلان ڪرڻ بعد اميدوارن کي پنهنجا سرٽيفڪيٽ اي پورٽل تي اپ لوڊ ڪرڻ ۽ داخلائن لاءِ پسنديده شعبا ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويندو. ايڊميشن ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو ٻن مرحلن ۾ 22 ۽ 29 آڪٽوبر تي ٿيل پري انٽري ٽيسٽ جي نتيجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڪئمپسز ۾ ورتل ٽيسٽ جي نتيجن کان به آگاهي ڏني، جنهن بعد وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته 2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب ٿيل تباهه ڪارين جا اثر اڃا تائين موجود آهن، جنهن ڪري والدين پاران گهر نه ٺاهي سگهڻ يا مڪمل طور بحال نه ٿيڻ سبب ٻارن جي پڙهائي تي ڪنهن حد تائين هن سال به اثر پيو آهي. هن چيو ته نوجوانن جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي، سندن بهتريءَ لاءِ تعليمي سال 2024ع لاءِ پاسنگ اسڪور 30 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته تعليمي سال 2025ع لاءِ پاسنگ اسڪور وڌايو ويندو. ان موقعي تي هن اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ فلسطين ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم فلسطيني شاگردن جي هاسٽل فيس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته فلسطيني شاگردن کان هلندڙ سال جي ٽيوشن في وفاقي حڪومت ڀريندي. اجلاس ۾ مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کومباٽي، ميرپورخاص ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو، لاڙڪاڻي ڪئمپس جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهروفيروز جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر آغا اسد نور، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، سينڊيڪيٽ ميمبرن ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا پنهور، ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ، ڊاڪٽر ڪامران ڏاهري، پروفيسر علي رضا لغاري، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، ساجد قيوم ميمڻ، ڊاڪٽر فريده ياسمين پنهور، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، اميد علي رند، ڊاڪٽر رابعه اسماء ميمڻ، عبدالرحمان نانگراج، وڪيش ڪمار، سچل جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. واضح رهي ته انٽري ٽيسٽ جو 30 سيڪڙو پاسنگ اسڪور طور مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن بعد اميدوارن جي مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي مارڪن توڙي ٽيسٽ اسڪور کي ملائي سندن ڪمپوزٽ پرسنٽيج نمبر (سي پي اين) يعني مارڪن جو مجموعي سيڪڙو ٺاهيو ويندو، جنهن کان پوءِ ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويندي.