سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان شروع ٿي ويا، علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس تي مختلف شعبن ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي حيدرآباد، لاڙڪاڻو، محترمه بينظير ڀُٽو شھيد ڪئمپس دادو، لاڙ ڪئمپس بدين، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان شروع ٿي ويا. مختلف شعبن ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا. امتحانن دوران وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو آرٽس فيڪلٽي سميت مختلف تعليمي شعبن جو دورو ڪيو ۽ ھلندڙ امتحانن جو جائزو ورتو. دوري دوران ھن امتحاني بلاڪن ۽ امتحانن بابت ڪيل تيارين ۽ حفاظتي انتظامن جو به جائزو ورتو ۽ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وائيس چانسيلر  مختلف شعبن ۾ ھلندڙ امتحان دوران شاگردن کان سندن پرچن بابت پڻ دريافت ڪيو. ان موقعي تي رجسٽرار، مختلف فئڪلٽين جا ڊين، شعبن جا سربراهه ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/07/2023
Announcements
1024 x 768
Well-known historian highlights legacy of Shaheed Allah Bux Soomro at Sindh University
View Details → 12/02/2025
1024 x 768
SU's anthropology students showcase Sindhi music heritage through poster art exhibition
View Details → 11/28/2025
1024 x 768
Mock viva voce held for final-year students at SU Laar Campus
View Details → 11/28/2025