سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان شروع ٿي ويا، علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس تي مختلف شعبن ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي حيدرآباد، لاڙڪاڻو، محترمه بينظير ڀُٽو شھيد ڪئمپس دادو، لاڙ ڪئمپس بدين، ميرپورخاص، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز ۾ بيچلر ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن جي ٻئي سيمسٽر جا امتحان شروع ٿي ويا. مختلف شعبن ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا. امتحانن دوران وائيس چانسيلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو آرٽس فيڪلٽي سميت مختلف تعليمي شعبن جو دورو ڪيو ۽ ھلندڙ امتحانن جو جائزو ورتو. دوري دوران ھن امتحاني بلاڪن ۽ امتحانن بابت ڪيل تيارين ۽ حفاظتي انتظامن جو به جائزو ورتو ۽ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وائيس چانسيلر  مختلف شعبن ۾ ھلندڙ امتحان دوران شاگردن کان سندن پرچن بابت پڻ دريافت ڪيو. ان موقعي تي رجسٽرار، مختلف فئڪلٽين جا ڊين، شعبن جا سربراهه ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/07/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ اونهاري جي موڪلن کانپوءِ نيچرل س...
View Details → 07/22/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے موسم گرما کی تعطیلات کے بعد نیچرل سا...
View Details → 07/22/2026
1024 x 768
Sindh University finalizes academic strategy for Natural Sciences Faculty as classes set t...
View Details → 07/22/2026