سنڌ يونيورسٽي پاران اميدوارن جي وڌندڙ دلچسپيءَ کي نظر ۾ رکندي بي ايس آرٽيفشل انٽيليجنس ايوننگ پروگرام به شروع ڪرائڻ جو اعلان: اميدوارن کي لنڪ موڪليو ويو آهي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو تعليمي سال 2024ع لاءِ بي ايس آرٽيفشل انٽيليجنس (مصنوعي ذهانت) ۾ نوجوانن جي وڌندڙ دلچسپيءَ کي نظر ۾ رکندي ساڳيو پروگرام ايوننگ ۾ به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته انٽري ٽيسٽ ۾ 30 يا مٿي اسڪور  حاصل ڪندڙ سمورن اميدوارن کي مساوي موقعو فراھم ڪندي سندن اي ميل ايڊريسز تي لنڪ موڪليو ويو آهي، جنهن تي ڪلڪ ڪري هو پنهنجي چوائسز جي ترتيب ۾ بي ايس آرٽيفشل انٽيليجنس ايوننگ پروگرام کي شامل ڪري سگهن ٿا. ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پاران فراهم ڪيل تفصيلن موجب سڄي دنيا ۾ مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ گهرجن جي پيش نظر سوين اميدوارن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم سال 2024ع لاءِ بي ايس آرٽيفشل انٽيليجنس کي پنهنجي پهرين چوائس طور رکيو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ هيڪ جي گائيڊ لائين تحت هڪ ئي وقت سمورن اميدوارن کي داخلا نٿي ڏيئي سگهجي، پر سندن سهولت لاءِ آرٽيفشل انٽيليجنس ۾ بي ايس پروگرام شام جو به شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ لنڪ سمورن اميدوارن کي سندن اي ميل ايڊريسز تي موڪليو ويو آهي، جنهن کي ڪلڪ ڪري ھو پنهنجي چوائسز ۾ ڄاڻايل ايوننگ پروگرام کي پڻ شامل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته بي ايس آرٽيفشل انٽيلجنس ايوننگ پروگرام جي چونڊ اميدوار سڀاڻي 3 جنوري تائين ڪري سگهن ٿا. واضح رھي ته مارننگ ۽ ايوننگ پروگرام ۾ ساڳيا ئي استاد پڙھائين ٿا. پروگرام جو صرف نالو ايوننگ آھي پر ڪلاسز ھڪ ڏيڍ بجي شروع ٿي وڃن ٿا، جڏھن ته ٻنھي شفٽن جي شاگردن کي پوائنٽ بسن سميت سموريون بنيادي سھولتون پڻ ساڳيون ئي ميسر ڪيون وينديون آھن.