سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ اسپورٽس ڪوٽا تحت داخلائن لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن لاءِ راندين جا سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 25 جنوريءَ تائين واڌ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽي تعليمي سال 2024ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن لاءِ اسپورٽس سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 25 جنوريءَ تائين واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) ڄاڻايو ته جن به اميدوارن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2024ع لاءِ اسپورٽس ڪوٽا تي بيچلر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ درخواستون ڏنيون، اهي هاڻي 25 جنوريءَ تائين ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. پڌرائيءَ موجب مختلف راندين لاءِ جمع ڪرايل سرٽيفڪيٽن جي مڪمل ڇنڊڇاڻ کان پوءِ اميدوارن کي ٽرائيل لاءِ گهرايو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/11/2024
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ اور اینٹی نارکوٹکس فورس کی جانب سے منش...
View Details → 05/13/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ جامشورو اور اس کے کیمپسز میں پہلے سیمس...
View Details → 05/13/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاران منشيات ...
View Details → 05/13/2026