MPhil/M.S & PhD Admissions 2025
سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2024ع لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 فيبروري مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته تعليمي سال 2024ع تحت بوائز هاسٽلن ۾ فريش الاٽمينٽ جا فارم جاري ڪيا ويا آھن. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته 2020ع، 2021ع، 2022ع، 2023ع ۽ 2024ع بئچن جي حصي پهرئين، ٻئين، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين جا شاگرد هاسٽل الاٽمينٽ لاءِ 23 جنوري 2024ع کان پنهنجا فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا. فارم سان گڏ ايڊميشن چالان، اسٽوڊنٽس آءِ ڊي ڪارڊ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ جون 2-2 ڪاپيون، 4 عدد رنگين پاسپورٽ سائيز تصويرون، ڊوميسائيل جي هڪ ڪاپي ۽ هاسٽل فارم جي فيس وارو چالان شامل هئڻ گهرجي. ھن چيو ته فارم جمع ڪرائڻ جي آخري 15 فيبروري 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي، ڄاڻايل مدو گذرڻ بعد ڪو به فارم وصول نه ڪيو ويندو.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/25/2024
Announcements
Academic Transcript / Marksheet
University of Sindh Extends Admission Deadline for Associate Degree Programs –...
View Details → 07/18/2025
Academic Transcript / Marksheet
سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي سيڪيورٽي سسٽم کي ج...
View Details → 06/27/2025
Academic Transcript / Marksheet
سنڌ يونيورسٽي جي بينظير ڀٽو چيئر پاران پيپل...
View Details → 06/23/2025