سنڌ يونيورسٽيءَ جي بوائز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2024ع لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 فيبروري مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بوائز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر پسند علي کوسو ڄاڻايو آهي ته تعليمي سال 2024ع تحت بوائز هاسٽلن ۾ فريش الاٽمينٽ جا فارم جاري ڪيا ويا آھن. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته 2020ع، 2021ع، 2022ع، 2023ع ۽ 2024ع بئچن جي حصي پهرئين، ٻئين، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين جا شاگرد هاسٽل الاٽمينٽ لاءِ 23 جنوري 2024ع کان پنهنجا فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا. فارم سان گڏ ايڊميشن چالان، اسٽوڊنٽس آءِ ڊي ڪارڊ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ جون 2-2 ڪاپيون، 4 عدد رنگين پاسپورٽ سائيز تصويرون، ڊوميسائيل جي هڪ ڪاپي ۽ هاسٽل فارم جي فيس وارو چالان شامل هئڻ گهرجي. ھن چيو ته فارم جمع ڪرائڻ جي آخري 15 فيبروري 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي، ڄاڻايل مدو گذرڻ بعد ڪو به فارم وصول نه ڪيو ويندو.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/25/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران 2026ع بيچ جي شاگردن لاءِ هاسٽل ...
View Details → 02/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران سال 2026ع لاءِ بوائز هاسٽلن جي ...
View Details → 01/21/2026
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی کی جانب سے سال 2026ء کے لیے بوائز ہاس...
View Details → 01/21/2026