سنڌ يونيورسٽي ۾ مٿين ڪلاسن ۾ داخلائن لاءِ في جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 19 اپريل 2024ع تائين واڌ، مقرر تاريخ تائين فيس جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا اي پورٽل اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو چتاءُ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پنهنجي ھڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي بيچلرس ڊگري پروگرامن جي ٻئين، ٽئين، چوٿين، پنجين ۽ ماسٽر (فائنل) مارننگ ۽ ايوننگ ڪلاسن جي تعليمي سال 2024ع ۾ داخلائن لاءِ في جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 19 اپريل 2024ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پڌرائيءَ ۾ شاگردن کي صلاح ڏني ويئي ته ھو فيس جمع ڪرڻ کانپوءِ اڳئين ڪلاسن ۾ داخلائن وارو فارم ڀري گھربل ڪاغذن سان گڏ پنھنجي شعبن جي سربراهن جي آفيسن ۾ جمع ڪرائين. پڌرائيءَ موجب شاگرد پنهنجي داخلا في ون بل، ون لنڪ، ايڇ بي ايل موبائيل ايپ، ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ ايپ، ايزي پئسا، جيز ڪيش يا ڪنهن به بئنڪ جي موبائيل ايپ ذريعي جمع ڪرائي سگهن ٿا. پڌرائيءَ موجب جيڪي به شاگرد 19 اپريل تائين اڳين ڪلاسن ۾ داخلا فيس جمع ڪرائي پنهنجن شعبن جي سربراهن وٽ داخلا فارم جمع نه ڪرائيندا ته اهو سمجهيو ويندو ته اهي وڌيڪ پڙهڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن، تنهنڪري سندن اِي پورٽل اڪائونٽ بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/18/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026