سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۾ ايل ايل بي (آنرز) جي ٻئي سيمسٽر امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ليٽ فيس سميت 3 مئي 2024ع تائين واڌ جو اعلان

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ 5 سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام جي ٻئي سيمسٽر جا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ليٽ فيس سان گڏ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ 5 سالا ايل ايل بي (آنرز) پروگرام جي ٻئي سيمسٽر 2023ع جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ 3 مئي 2024ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. پڌرائيءَ ۾ لاڳاپيل ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس جي سربراهن کي 7 مئي 2024ع تائين امتحاني فارم ڪنٽرولر آفيس ۾ موڪلڻ جي ھدايت ڪئي ويئي آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/22/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026