سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ورڪشاپ: مصنوعي ذهانت جي چئلينجن ۽ صلاحيت کي مستقبل ۾ ملازمت جي موقعن لاءِ سنجيدگيءَ سان وٺڻ تي زور

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران آئيڊياجسٽ جي تعاون سان “مصنوعي ذهانت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجين جي دور ۾ ڪيريئر جي ترقي” جي سري هيٺ هڪ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جيڪا دلچسپ ڳالهه ٻولهه ۽ ماهرانه تجربن تي ٻڌل هو. ورڪشاپ ۾ استادن توڙي 200 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا ڪيريئر ڪونسلنگ جي اهم پاسن، مصنوعي ذهانت ۾ مارڪيٽ جي لاڙن ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجين تي روشني وڌي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي چئلينجن ۽ صلاحيت کي مستقبل ۾ ملازمت جي موقعن لاءِ سنجيدگيءَ سان وٺي سگهجي ٿو. آئيڊيا جسٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (ستاره امتياز) حسن سيد ٽيڪنالاجيڪل انڊسٽري جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ سافٽ سڪلز، انٽر پرينيورشپ ۽ نئين سوچ جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. نيشنل انڪيوبيشن سينٽر حيدرآباد جي آپريشنل مئنيجر شهزانه پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ اسٽارٽ اپس جي اهم ڪردار بابت پنهنجي املهه خيالن کان آگاهه ڪيو. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو انٽر پرينيورشپ کي اختيار ڪن ۽ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هو هڪ مضبوط اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيشنل انڪيوبيشن ڏانهن وڃن. ٽيڪنالوجي انڪيوبيشن سينٽر جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر عارفه ڀٽو شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ صنعت جي ڪاميابيءَ لاءِ اهم مسئلا حل ڪرڻ جي مهارتن کي هٿي ڏيڻ ۾ ورڪشاپ جي اهميت تي زور ڏنو. هن معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي جديد اوزارن ۽ علم سان آراسته ڪرڻ ۾ استادن جي ڪردار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ سمورن مهمانن جو ٿورو مڃيو.