سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي مرحلي واري پري انٽري ٽيسٽ مڪمل،11 هزار کان وڌيڪ اميدوار مختلف بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ قسمت آزمائي، ٽيسٽ ڄامشورو مين ڪئمپس کانسواءِ ٻين ڪيمپسز ۾ پڻ ورتي ويئي، 11 ھزار کان وڌيڪ سيٽن لاءِ ٻنهي مرحلن ۾ 15607 شاگردن ۽ 5011 شاگردياڻين سميت ڪل 20618 اميدوارن داخلائن لاءِ قسمت آزمائي: وڏي تعداد ۾ اميدوارن پاران داخلائن لاءِ درخواستون ڏيڻ سندن ۽ سندن والدين جو مادرعلمي تي اعتماد جو کليل اظھار آھي: وي سي ڊاڪٽر فتح مري جي پريس بريفنگ

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران بيچلرس ڊگري پروگرامز 2026ع ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو آھي. ٽيسٽ هڪ ئي وقت علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس دادو، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ٺٽو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس نوشهروفيروز ۾ ورتي ويئي. ٽيسٽ صبح جو 10 لڳي 10 منٽن تي شروع ٿي ويئي، جيڪا بنا وقفي جي 90 منٽ جاري رھي. ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري شيخ اياز آڊيٽوريم پھتو، جتي گڏيل دعا گھرڻ بعد ٽيسٽ شروع ڪرائڻ جي  اجازت ڏني. بعد ۾ ھن انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن پھچي ميڊيا کي ٽيسٽ بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ بين ڪئمپسز ۾ مجموعي طور 11278 اميدوارن ٻئي مرحلي جي انٽري ٽيسٽ ۾ بھرو ورتو، جن ۾ 8067 ميل ۽ 3211 فيميل اميدوار شامل ھئا. ھن چيو ته  مين ڪئمپس ڄامشورو ۾ مجموعي طور 10174 اميدوارن ٽيسٽ ڏني، جن ۾ 7317 ميل ۽ 2857 فيميل اميدوار شامل ھئا. ھن چيو ته لاڙ ڪئمپس بدين ۾ 450 اميدوارن داخلائن لاءِ قسمت آزمائي، جن ۾ 299 ميل ۽ 151 فيميل شامل ھئا. سندس چوڻ ھو ته دادو ڪئمپس ۾ 297 ميل ۽ 134 فيميل سميت 431 اميدوارن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر فتح مري جو چوڻ ھو ته   ٺٽو ڪئمپس ۾ 87 ميل ۽ 30 فيميل سميت مجموعي طور 117 اميدوارن  ۽ نوشهروفيروز ڪئمپس ۾ 67 ميل ۽ 39 فيميل سميت ڪل 106 اميدوارن انٽري ٽيسٽ ڏني. ھن چيو ته ٽيسٽ کي منظم، شفاف ۽ پرامن بنائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا جامع انتظام ڪيا. ھن چيو ته وڏي تعداد ۾ اميدوارن پاران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلائن لاءِ درخواستون ڏيڻ سندن مادر علمي تي اعتماد جو اظھار آھي.  يونيورسٽيءَ جي مين ڪئمپس ۾ چار ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون، جتي اميدوارن کي ھنگامي حالتن جي صورت ۾ ابتدائي طبي امداد ڏني ويئي. ان کان علاوه سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ امتحاني مرڪزن جي داخلا دروازن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا. رينجرز، پوليس ۽ يونيورسٽي جي پنهنجي سيڪيورٽي گارڊن کي امتحاني مرڪزن ٻاھر ۽ مک گذرگاھن تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. اميدوارن جي سهولت لاءِ مرد ۽ عورتن لاءِ الڳ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا، جڏهن ته ٽيسٽ دوران سڀ ضروري اسٽيشنري يونيورسٽيءَ فراهم ڪئي ته جيئن برابري ۽ شفافيت برقرار رکي سگھجي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پهرئين مرحلي جي ٽيسٽ وانگر هن ڀيري به منصفاڻو، شفاف ۽ پرامن امتحاني عمل يقيني بڻايو ويو. ھن چيو ته اسان هر ممڪن قدم کنيا  ته جيئن سڀني اميدوارن لاءِ آرامده ۽ محفوظ ماحول مهيا ڪري سگهجي. ھن سڀني ڪنوينرن ۽ سندن ميمبرن جي همت، محنت ۽ ٽيم ورڪ جي تعريف ڪئي، جن پنھنجي ڪم کي بھتر انتظام ذريعي مڪمل ڪيو. واضح رھي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2026ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ ورتل پري انٽري ٽيسٽ جا ٻئي مرحلا مڪمل ٿي ويا. ٻنھي فيزن ۾ 15607 شاگردن ۽ 5011 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 20618 اميدوارن ٽيسٽ ڏني، جڏھن ته مختلف 72 شعبن ۾ ڪل سيٽن جو تعداد 11000 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/19/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي مرحلي واري پري انٽري ٽيسٽ م...
View Details → 10/19/2025
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی میں پری انٹری ٹیسٹ کا دوسرا مرحلہ ...
View Details → 10/19/2025
1024 x 768
Over 11,000 aspirants compete in Sindh University’s peaceful second phase of entry test
View Details → 10/19/2025