هيڪ اسلام آباد ٽيم پاران لاڳاپيل ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي پرک لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيسٽ ورتي ويئي: 300 ڄڻن جي شرڪت

 هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي پرک لاءِ مادرعلمي  ٽيسٽ منعقد ڪئي، جنهن دوران ٽيسٽ جي ٽن اهم شعبن انفارميشن مئنيجمينٽ، ڪميونيڪيشن ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي مهارتن کي جاچڻ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو جائزو ورتو ويو ۽ سندن علمي صلاحيتون پرکيون ويون. اسيسمينٽ ٽيسٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف فزڪس ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ ۾ منعقد ٿي، جتي مجموعي طور اي ڊي، بي اي، بي ايس سي، بي سي ايس ۽ بي ڪام جي 300 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪوالٽي انهاسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي چيو ته شاگردن جي تنقيدي مهارتن جي پرک ۽ هٿي وٺرائڻ ۾ ڄاڻايل ٽيسٽ جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. ايڇ اي سي اسلام آباد جي ٽيم جي قيادت هائير ايجوڪيشن ڊولپمينٽ پروگرام بابت ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر ارشد بشير ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته ٽيسٽ جو مقصد شاگردن جي علمي صلاحيتن جو جامع جائزو وٺڻ هو. هن چيو ته هيءَ وسيع پرک ان لحاظ کان الڳ هئي جو اها ٽيسٽ مخصوص مضمونن تي مشتمل نه هئي پر ٽيسٽ ۾ علمي ۽ پيشيوراڻي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري مهارتن تي ڌيان ڏنو ويو. بعد ۾ ايڇ اي سي جي ٽيم وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن لاڳاپيل ڪاليجن ۾ تعليم جو معيار بلند ڪرڻ جي سلسلي ۾ هيڪ جي کنيل بهترين قدمن جي واکاڻ ڪئي.