سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر ۾ انٽرپرينيورشپ ايڪسپو منعقد، شاگردن پاران 50 کان وڌيڪ ڪاروباري اسٽال قائم، وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري افتتاح ڪيو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر پاران انٽرپرينيورشپ ايڪسپو منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪيو. ان موقعي تي هن شاگردن پاران قائم ڪيل 50 کان وڌيڪ ڪاروباري اسٽالن جو دورو ڪيو، شاگردن کان بريفنگ ورتي ۽ سندن محنت ۽ ڪاوشن کي ساراهيو. هي ايڪسپو منعقد ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن، جدت ۽ ڪاروباري مهارتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پليٽفارم فراهم ڪرڻ هو. ايڪسپو ۾ انسٽيٽيوٽ جي لينگويج اينڊ لٽريچر، اپلائيڊ لنگوسٽڪس ۽ انگلش لينگويج ٽيچنگ جي پارٽ ٽو جي شاگردن حصو ورتو.
ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري شاگردن جي ڪاوشن، تخليقي صلاحيتن ۽ ڪاروبار جي بهترين پيشڪش کي ساراهيندي چيو ته ايڪسپو ۾ شاگردن جي محنت ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. شاگردن جنهن محنت، ترتيب ۽ خوبصورتيءَ سان اسٽال قائم ڪيا آهن، تنهن مان سندن ڪاروباري سوچ، ذهانت ۽ صلاحيتن جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته شاگردن کي جيڪڏهن مناسب رهنمائي ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جا پروگرام نه رڳو شاگردن ۾ بهترين ڪاروباري سوچ پيدا ڪن ٿا، پر کين شيون تيار ڪرڻ، انهن کي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ، وڪري لاءِ پيش ڪرڻ ۽ انهن مان منافعو ڪمائڻ جو عملي تجربو پڻ فراهم ڪن ٿا، جنهن سان سندن اعتماد ۾ اضافو ٿئي ٿو.
ان موقعي تي انٽرپرينيورشپ مضمون جي استاد ۽ ايڪسپو ۾ حصو وٺندڙ شاگردن جي سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر ٻڌايو ته انٽرپرينيورشپ مضمون پڙهائڻ جو مقصد شاگردن ۾ ڪاروباري سوچ ۽ صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ آهي. شاگردن پاران قائم ڪيل اسٽال سندن عملي ڪم جو حصو آهن. هن ٻڌايو ته ايڪسپو لاءِ شاگردن کي مختلف ڪاروباري منصوبا تيار ڪرڻ جا ٽاسڪ ڏنا ويا هئا، ته جيئن اهي پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ جدت کي استعمال ڪندي ڪلاس روم ۾ حاصل ڪيل علم کي عملي شڪل ڏئي سگهن ۽ نيون شيون توڙي ڪاروباري خيال متعارف ڪرائي سگهن.
ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر طارق عمراني ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي انڊر گريجوئيٽ ايجوڪيشن فريم ورڪ تحت نصاب ۾ بين الشعبه جاتی مضمون شامل ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي سندن بنيادي تعليمي شعبن کان علاوه ضروري علم ۽ مهارتن سان پڻ ليس ڪرڻ آهي. ان حوالي سان انٽرپرينيورشپ هڪ اهم مضمون آهي، جيڪو شاگردن ۾ جدت، خوداعتمادي، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ڪاروباري سوچ کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
ان موقعي تي فيڪلٽي آف آرٽس جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، انسٽيٽيوٽ جا استاد ڊاڪٽر غلام علي برڙو، ڊاڪٽر سميرا عمراني، ڊاڪٽر فيض محمد بروهي، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، ڊاڪٽر وسيم ملڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ايڪسپو ۾ شاگردن پاران ديسي کاڌن، فروٽ چاٽ، ڇولا چاٽ، مصالحن، گول گپن، چانهه، ڪافي، آئس ڪريم، شربتن، هٿ جي هنر جي تيار ڪيل شين، ڀرت ڀريل ڪپڙن، چادرن، ڪتابن، زيورن ۽ ميڪ اپ جي سامان سميت مختلف شين جا رعايتي اسٽال قائم ڪيا ويا هئا.