سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽئين ڏينهن به سيمسٽر امتحان جاري، مختلف شعبن ۾ ٻنهي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا: وائيس چانسلر پاران انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز ۽ سينٽر فار پيور اينڊ اپلائيڊ جيالاجي جو دورو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي مختلف شعبن ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به پرامن ماحول ۾ سيمسٽر امتحان جاري رهيو. صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ پرچا ورتا ويا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز ۽ سينٽر فار پيور اينڊ اپلائيڊ جيالاجي جو دورو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو. هن انسٽيٽيوٽ آف پلانٽ سائنسز ۾ هلندڙ امتحان سان گڏ عمارت جو به معائنو ڪيو ۽ چيو ته پلانٽ سائنسز ۾ زير زمين به هڪ فلور موجود آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي زير زمين فلور استعمال هيٺ هئڻ يا نه هئڻ بابت پڇيو، جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا جو گهڻن کي انهيءَ فلور بابت ڄاڻ ئي نه هئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته پلانٽ سائنسز انسٽيٽيوٽ جي زير زمين فلور ۾ ماضيءَ ۾ مائيڪرو بائلاجي جا ڪلاس هلندا هئا پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان اهو فلور شايد استعمال هيٺ نه رهيو آهي. جيالاجي سينٽر ۾ به وائيس چانسلر امتحاني عمل جو جائزو ورتو، جتي ساڻس گڏ سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، ڊاڪٽر محمد حسن اگهيم، ڊائريڪٽر ڪئمپس سيڪيورٽي ڊاڪٽر غلام ثاقب ٻرڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر پنهنجي اوچتي دوري دوران سينٽر آف پيور اينڊ اپلائيڊ جيالاجي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري پاران امتحان ڏيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٿڌي پاڻيءَ سان گڏ شربت فراهم ڪرڻ وارو عمل ڏسي انتهائي خوش ٿيو. ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري وائيس چانسلر کي ٻڌايو ته هو پنهنجي کيسي مان گرم موسم ۾ پرچا ڏيندڙ شاگردن کي شربت پيئاري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته شاگرد سندس ٻچن وانگر آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٻچن تي پنهنجي کيسي مان خرچ ڪبو ته ان سان ڪو  فرق نه پوندو ۽ دل به مطمئن رهي ٿي. ان موقعي تي وائيس چانسلر خوشيءَ جو اظهار ڪندي کيس شاباسي ڏني. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اولاد وانگر خدمت ڪرڻ جو صلو الله پاڪ کيس ضرور ڏيندو. ان وقعي تي ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاريءَ جي اصرار تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو پڻ اڌ گلاس شربت پيتو.