سنڌ هيڪ جي شوڪيس 2024ع ۾ منظور ڪيل 7 تحقيقي پراجيڪٽس جي خالق شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سان ملاقات، رجسٽرار

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سان پهرين جون تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيل ٽئين سنڌ ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس 2024ع ۾ منظور ڪيل 7 پراجڪيٽس جي خالق شاگردن ۽ شاگردياڻين ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن سندن صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ نوجوان محققن کي عملي تحقيق طرف اچڻ جي صلاح ڏني. ملاقات جي موقعي تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، لاڙ ڪئمپس بدين جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر عقيل احمد ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالوحيد مهيسر، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو ۽ ڊاڪٽر سلمان پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته سنڌ هيڪ پاران پهرين جون تي ڪرايل شوڪيس 2024ع جهڙن اهم ايونٽس ۾ ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به پنهنجا پراجيڪٽ پيش ڪرڻ گهرجن ته جيئن سندن فائدو ٿي سگهي. هن چيو ته پهرين جون 2024ع تي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ڪيل شوڪيس 2024ع ۾ پنهنجا تحقيقي پراجيڪٽ پيش ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين  کي ايڪسپوزر يا شهرت به ملي ته کين ٻين يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن سان ميل ملاقات جو موقعو مليو. هن چيو ته مختلف ريسرچ پراجيڪٽ ڏسي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وڌيڪ حوصلا افزائي ملي هوندي ۽ هو مستقبل ۾ اڃا به بهتر ڪم ڪندا. وائيس چانسلر ان موقعي تي سنڌ هيڪ طرفان 7 تحقيقي پراجيڪٽ منظور ڪرڻ بعد يونيورسٽيءَ کي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي پنجن ئي شاگردن کي پيش ڪئي، جڏهن ته هيڪ پاران موڪليل اصل سرٽيفڪيٽ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نالي سان مليل شيلڊ ٽيڪنالاجي انڪيوبيشن سينٽر حوالي ڪيا ويا.