سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ انڊر گريجوئيٽ شاگردياڻي ۽ ايم فل جي 4 شاگردياڻين کي برٽش اسڪاٽش اسڪالرشپ تحت مجموعي طور 15 لک 45 هزار رپين جا چيڪ جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ هڪ انڊر گريجوئيٽ ۽ ٽن ايم فل اسڪالرن کي برٽش اسڪاٽش اسڪالرشپ فار ينگ فيميل انڊر گريجوئيٽ/ ايم فل اسٽوڊنٽس تحت اسڪالرشپ جا چيڪ فراھم ڪيا ويا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو هڪ تقريب ۾ ميڊيڪل ليبارٽري ٽيڪنالاجي جي انڊر گريجوئيٽ شاگردياڻي لائبه کي هڪ لک 77 هزار رپين جو چيڪ ڏنو. هن ٽن ايم فل اسڪالرن بايو ڪئمسٽري جي اقرا ڪنول، باٽني جي شهزادي حنا ۽ مائيڪرو بائلاجي جي حريا خان کي 4 لک 56 هزار رپين جا الڳ الڳ چيڪ ڏنا. مجموعي طور چئن شاگردياڻين کي 15 لک 45 هزار رپين جا چيڪ ڏنا ويا. تقريب ۾ انٽرويو ڪميٽيءَ جا ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته برٽش ڪائونسل پاران برٽش اسڪاٽش اسڪالرشپ فار ينگ فيميل انڊر گريجوئيٽ/ ايم فل اسٽوڊنٽس جو اعلان ڪيو ويو، جتي شاگردياڻين پاڻ وڃي آن لائين درخواستون  ڏنيون، جنهن بعد برٽش ڪائونسل جي عملدارن سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس سان رابطو ڪري درخواستون جمع ڪرائيندڙ شاگردياڻين جا انٽرويوز ڪرڻ جو چيو، جنهن تي 3 رڪني ڪميٽي جوڙي مجموعي طور پنجن شاگردياڻين جا انٽرويوز ڪيا ويا، جن مان چئن شاگردياڻين کي چونڊي سندن نالا برٽش ڪائونسل کي موڪليا ويا. هن چيو ته برٽش ڪائونسل پاران رقم موڪلڻ بعد حقدار شاگردياڻين کي رقم چيڪ جي صورت  ۾ برٽش ڪائونسل پاران موڪليل سرٽيفڪيٽ سان گڏ ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته چئن شاگردياڻين جي 15 لک 45 هزار رپين جي اسڪالرشپ سٺي رقم آهي، ڪوشش ڪنداسين ته انهيءَ اسڪالرشپ جي سلاٽس ۾ واڌ ڪئي وڃي، جنھن لاءِ برٽش ڪائونسل سان ڳالھايو ويندو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم شاگرد ۽ شاگردياڻيون هر اسڪالرشپ لاءِ درخواستون ڏين ته جيئن ڪانه ڪا اسڪالرشپ کين ملي سگهي. وي سي آفيس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو عملدار قمر نانگراج ۽ رافع ميمڻ پڻ موجود هئا.